Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حديث مان ڪيئي مسئلا مَعلوم ٿيا: هڪ هي ته مَيت جو وفات کان پوءِ به اِحتِرام (ڪرڻ) گھرجي۔ فقهاءِ ڪرام فرمائن ٿا ته مَيّت جو اهڙو ئي اِحتِرام ڪري جيئن ته ان جي زِندَگي ۾ ڪندو هو۔ ٻيو هي ته بزرگن جي قبرن جو به اِحتِرام ۽ انهن سان به شَرم ۽ حَيا ڪجي۔ ٽيو هي ته مَيّت (مُردو) قبر جي اندران ٻاهر وارن کي ڏسندو ۽ انهن کي سڃاڻندو آهي۔ ڏسو! حضرتِ عُمَر رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه کان عائشه صِدِّيقه رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها سندن وفات کان بعد شرم و حَيا ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن حضرت عمر رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه  ٻاهر جي ڪا شيء نه ڏسن ها ته پوءِ ان کان حَياء ڪرڻ جي ڇا معنيٰ؟۔ چوٿون هي ته قبر جي مٽي، تختا وغيره ته مَيّت جي اکين جي لاءِ حِجاب (رڪاوٽ) نٿا بڻجي سگھن پر زائر (يعني زِيارَت ڪرڻ واري) جي جسم جو لباس انهن جي لاءِ اوٽ آهي، تنهنڪري مَيّت کي زائر(زيارت ڪرڻ وارو) برهنه نه ٿو نظر اچي نه ته حضرتِ عائشه صِدِّيقه (رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهَا) جو چادر اَوڍي اتي وڃڻ جي ڇا معنيٰ هئي، هي قدرت جو قانون آهي۔ (مراٰۃ المناجيح، قبروں ڪي زيارت، تيسري فصل، ۲/۵۲۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان نا محرمن سان ميل جول جو وبال، ويلنٽائن ڊي ملهائڻ جي نحوست ۽ بي حيائي ۽ بي پردگي جي مذمت بابت ٻڌو، يقيناً بي حيائي مُعاشري ۾ بگاڙ جو سبب آهي۔

٭ جڏهن ٻه مرد ۽ عورت تنهائي ۾ هوندا آهن ته شيطان انهن کي برائي تي اڀاريندو آهي۔

٭ عورت گھر جي دولت آهي جنهن کي لڪائي رکڻ ضروري آهي هر هڪ