Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

عَزَّوَجَلَّ ناراض ٿي وڃي ۽ اسان جي اک ۾ باهه جي سرائي ڦيري وڃي ته اسان جو ڇا ٿيندو. بد قسمتي اڄ ڪلهه ماڻهو بدنگاهي جا ايتري قدر عادي ٿي چڪا آهن جو معاذ الله ثُم معاذ الله جيسيتائين غير محرم کي تڪينداناهن انهن کي چين ناهي ايندو، اهي پنهنجي هن مذموم(گهٽيا) مقصد جي حاصل ڪرڻ جي خاطر بازارن، شاپنگ سينٽرن، تفريح گاهن، الغرض جٿي جٿي بي پرده عورتن جو مجمعو هوندو آهي اتي گهمندي ڦرندا، بد نگاهي ڪندا ۽ پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي بربادي جو سامان ڪندا آهن. جيئن ته حجة الاسلام حضرت سيدنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه منهاج العابدين ۾ فرمائن ٿا: حضرت سيدنا عيسٰي عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کان منقول آهي ته پاڻ کي بدنگاهي کان بچايو ڇو ته بدنگاهي دل ۾ شهوت جو ٻج پوکيندي آهي، پوءِ شهوت بدنگاهي ڪرڻ واري کي فتني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. (منهاج العابدين، ص. 92)

ڪامل مؤمن جي پهچان

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته بدنگاهي انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪٿي  جو نه ٿي ڇڏي. ان جو سبب سان ٻانهو الله عَزَّوَجَلَّ جي نافرمانين ۾ وڌي ويندو آهي. هر وقت ان جي دل ۽ دماغ ۾ شيطان سمايل هوندو آهي، عجيب بي سڪوني جو عالم ان تي طاري رهندو آهي، نفساني خواهشات ۽ خيالات ان تي غالب رهندا آهن، نفس جي تسڪين جي لاءِ اهو وڌيڪ هلاڪت وارن گناهن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي مثلًا بدڪاري وغيره کان علاوه پنهنجي هٿن سان پنهنجي جواني برباد ڪرڻ سان به گريز ناهي ڪندو. بدنگاهي ڪرڻ واري کي جيڪڏهن خبر پئجي وڃي ته ڪو غير مرد ان جي ماءُ، ڀيڻ، زال يا ڌيءُ کي بري نظر سان ڏسي رهيو آهي ته ان جي غيرت کي جوش ايندو آهي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ڪري ڏسڻ واري کي اهڙو ٻڌائيندو ڪڏهن مارڻ تي به لهي ايندو آهي، پر اهو پاڻ بدنگاهي ڪندو آهي ته ان ڳالهه کي ڇو وساري ڇڏيندو