Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

کي ڏيکارڻ سان چوري ٿيڻ جو خطرو آهي ۔

٭ پردي جو ذهن بنائڻ جي لاءِ صحابيات جي سيرت مبارڪه تي نظر ڪيو ته انهن مشقتن جي باوجود به پردي کي نه ڇڏيو۔

٭بي پردگي ۽ بد نگاهي ۾  الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي رسولصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نافرماني آهي۔

٭بي پردگي مُعاشَري ۾ فَحاشي جي ڦھلاؤ جو ذريعو آهي۔

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي بي حيائي ،بد نگاهي ۽ بي پردگي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

 (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101 مدني گل“ مان سلام جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا:

مَدَني گل

(1) مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔(2)  مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد 3 صفحي 469 تي لکيل مسئلي