Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

داغ آهن، ان ڪري ان کي انهن داغن کان پري رکو۔

(5) عورت جي سڀ کان وڏي تعريف هي آهي ته ان جي نِگاھ پنهنجي مڙس جي علاوه ڪنهن تي نه هجي، جيڪڏهن ان جي نِگاھ ۾ ڪجھ مرد اچي ويا ته ائين سمجھو ته عورت پنهنجو جوهر وڃائي چڪي، پوءِ ان جي دِل پنهنجي گھر ٻار ۾ نه لڳندي جنهن سبب هي گھر آخر تباھ ٿي ويندو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ملاحظه فرمايو ته عورتن جو پردي ۾ رهڻ ڪيتري قدر ضروري آهي ڇوته حالات ڏينهون ڏينهن نازڪ ٿيندا پيا وڃن ان ڪري اڃا به وڌيڪ احتياط جي حاجت آهي تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان پنهنجي گھر جي خواتين کي مَحَبَّت ۽ شفقت سان سمجھايون، انهن کي پردي جي اهميت ۽ پردي نه ڪرڻ جا نُقْصان ٻڌائي انهن کي پردي جو پابند بڻايون۔ بعض اهي اِسلامي ڀينرون جيڪي ڪنهن مُعاشَرتي مجبوري جي سبب گھر کان ٻاهر خاص ڪري ڪنهن سفر تي نڪرڻو پوي ٿو ته پردي جو اِهتِمام نٿيون ڪن، بلڪ پنهنجي بي پردگي جو عُذر ائين بيان ڪنديون آهن ته اسان جي لاءِ ائين ممڪن ناهي۔ اهڙين تمام اِسلامي ڀينرن کي سمجھائڻ جي لاءِ حضرت سَيدَتُنا اُمِّ حڪيم رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها جي اها حِڪايت ئي ڪافي آهي۔ جيئن،

مشقت جي باوجود پردو نه ڇڏيو

حضرت سَيدُنا عبدُالله بن زُبير رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه کان مَروي آهي ته فتحِ مڪه جي موقعي تي جڏهن اسلام جي دشمن اَبُو جهل جي پٽ حضرت سَيدُنا عِڪرِمه
رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه جي گھرواريء حضرت سَيدَتُنا اُمِّ حڪيم بنتِ حارِث رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها اِسلام قبول ڪيو ته بارگاھ رِسالت ۾ عرض ڪيائين: اي الله عَزَّوَجَلَّ جا رسول
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! عِڪرِمه (جيڪي اڃا تائين مسلمان نه ٿيا هئا) يمن ڏانهن ڀڄي