Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

آهي ته جنهن کي اهو ڏسي رهيو آهي اها به ته ڪنهن جي ماءُ، ڪنهن جي ڀيڻ يا ڪنهن جي زال يا ڌيءَ آهي.

عورتن جو پردو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي پاڻ به پنهنجي نگاهن جي حفاظت ڪرڻ گھرجي پنهنجي گھر جي عورتن کي به اسلامي حڪم مطابق پردي جي تاڪيد ڪرڻ گهرجي، عورتن جي لاءِ پردو تمام ضروري آهي ۽ بي پردگي بعض اوقات گھڻي ئي نقصان ده ثابت ٿيندي آهي، اسان جي معاشري ۾ بي حيائي ۽ فتني فسادن جو هڪ اهم سبب بي پردگي جي نحوست آهي، بعض بد نصيب آزاد خيال عورتون پردي کي قيد ۽ پابندي سمجھنديون آهن ۽ پردي ڪرڻ کي مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ وڏو عيب سمجھنديون آهن اهڙن ماڻهن کي خبر هئڻ گھرجي ته پردو زحمت ناهي بلڪ رحمت آهي، پردو ته عورتن جي عزت جي حفاظت ڪندو آهي ڄڻ ته پردو عورت جي لاءِ ڍال آهي ۽ هڪ مسلمان جي لاءِ ته اها ڳالھ ڪافي آهي ته پردي جو حڪم اسان جو رب عَزَّ وَجَلَّ فرمايو آهي: جيئن سيپارو 22 سُوْرَۃُالْاَحْزاب جي آيت نمبر 59 ۾ ارشاد آهي:

یٰۤاَیُّهَا النَّبِیُّ قُلْ لِّاَزْوَاجِكَ وَ بَنٰتِكَ وَ نِسَآءِ الْمُؤْمِنِیْنَ یُدْنِیْنَ عَلَیْهِنَّ مِنْ جَلَابِیْبِهِنَّؕ-

 

ترجموڪنزالايمان؛ اي نبي! پنهنجي بيبين ۽ صاحبزادين ۽ مسلمانن جي عورتن کي فرماءِ ته پنهنجي چادرن جو هڪ حصو پنهنجي منهن تي رکن۔

سيپارو 18سُوْرَۃُ النُّور جي آيت نمبر31 ۾ ارشاد آهي: