Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

حضرت سيّدنا عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاهه نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي:
اَلۡعَيۡنَانِ تَزۡنِيَانِ“ اکيون به بدڪاري ڪنديون آهن (مسند احمد، ج. 2، ص. 84، حديث 3912) ۽ حضرت سيّدنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان  روايت آهي ته ”زِنَا الۡعَيۡنَينِ النَّظَرُ“  اکين جي  بدڪاري ڏسڻ آهي . (ابو داؤد، ج. 2، ص. 358، حديث 2152)

اکين ۾ باهه ڀري ويندي

حجة الاسلام حضرت سيّدنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص  پنهنجي نظر کي روڪڻ تي قدرت  نٿو رکي اهو پنهنجي شرم گاهه جي به حفاظت نه ٿو ڪري سگهي. (احياء العلوم، ج. 3، ص. 125)

حضرت سيّدنا علاءبن زياد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”لَا تَتَّبِعۡ بَصَرَكَ رِدَاءَ الۡمَرۡاَةِ فَاِنَّ النَّظَرَ يَجۡعَلُ فِي الۡقَلۡبِ شَهۡوَةً“ پنهنجي نظر کي عورت جي چادر تي به نه وجهو ڇو ته نظر دل ۾ شهوت پيدا ڪري ٿي. (حلية الاوليا، ج. 2، ص. 277، رقم. 2217)

باهه جي سرائي

 حضرت سيّدُنا علامه ابو الفرج عبدالرّحمٰن بن جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا: عورت جي محاسن (يعني حسن و جمال) کي ڏسڻ ابليس جي تيرن مان زهر ۾ ٻڏل هڪ تير آهي، جنهن نامحرم کان اک جي حفاظت نه ڪئي ان جي اک ۾ بروزِ قيامت باهه جي سرائي ڦيري ويندي. (بحر الدموع. ص. 171)

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! سرمو لڳائيندي اسان جا هٿ ڏڪندا آهن، جيڪڏهن سرمي جي سرائي اک ۾ هلڪي به ٽڪرائجي يا سرمو ٿورو تيز هجي ته اسان جون رڙيون نڪري وينديون آهن، جڏهن اسان کي سرمي جي معمولي سرائي تڙپائي ڇڏيندي آهي ته بدنگاهي جي سبب جيڪڏهن الله