Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

سان ياد ڪندا هئا۔ پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جيئن ئي علي الاعلان اسلام کي عام ڪرڻ شروع ڪيو ته اهي ئي بدبخت ڪافر طرح طرح سان ستائڻ، ٺٺول ڪرڻ ۽ گاريون ڏيڻ لڳا، صرف اهو ئي نه بلڪ جاني دشمن ٿي ويا پر قربان وڃون! سرڪارِ نامدار، اُمّت جي غمخوار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن بلڪل همت نه هاري، هميشه صبر کان ئي ڪم ورتائون۔ هاڻي اسلامي ڀيڻ صبر ڪندي غور ڪري ته آئون جيستائين فيشن ايبل ۽ بي پرده هيس منهنجو ڪوبه مذاق نه اڏائيندو هو، جيئن ئي مون شرعي پردو اپنايو، ستائجڻ لڳيس۔ الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر آهي ته مون کان ظلم تي صبر ڪرڻ جي سنت ادا ٿي رهي آهي۔ اسلامي ڀينرن کي گهرجي ته ڪهڙو ئي صدمو پهچي صبر جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو، بِنا شرعي اجازت جي هرگز زبان مان ڪجهه نه ڳالهايون. حديثِ قدسي ۾ آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ فرمائي ٿو؛ ”اي ابنِ آدم! جيڪڏهن تون اوّل صدمي جي وقت صبر ڪرين ۽ ثواب جو طلبگار ٿئين ته آئون تنهنجي لاءِ جنّت کانسواءِ ڪنهن ثواب تي راضي ناهيان۔“

                         (ابن ماجه ،باب ماجاء في الصبر علي المعصيۃ ،۲/۲۶۶، حديث: ۱۵۹۷)

بِلا حساب ہو جنَّت میں داخلہ یارَبّ

پڑوس خُلد میں سرور کا ہوعطا یارَبّ

(وسائلِ بخشش،ص۸۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پردو ۽ حجاب ڇا آهي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عورتن جي حِجاب جي متعلق ۾ حضرت سَيدُنا امام ابن حَجَر عَسْقَلاني رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا:عورتن جي حِجاب مان مُراد هي آهي (يعني اهي اهڙي طرح پردو ڪن) جو مَرد انهن کي ڪنهن طرح ڏسي نه