Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

کلا گناهن جو اِرتڪاب ڪري نه صرف پنهنجي اعمال نامي جي سياهي ۾ اضافو ڪندا آهن بلڪ مسلم مُعاشري جي پاڪيزگي کي به ان بي هودگين سان ناپاڪ ۽ آلُودهه ڪندا آهن۔ بد نگاهي، بي پردگي، فحاشي ۽ عُرياني، اجنبي ڇوڪري ڇوڪرين جو ميل ملاپ، کل ڀوڳ، ان ناجائز تعلُّق کي مضبوط رکڻ جي لاءِ تحفن جو تبادلو ۽ اڳتي بدڪاري تائين جي نوبت هي سڀ اهي ڳالهيون آهن جيڪي ان گناهن واري ڏينهن زور و شور سان جاري رهنديون آهن ۽ انهن سڀني شيطاني ڪمن جي ناجائز ۽ حرام هئڻ ۾ ڪنهن مسلمان کي ٿورو به شبو نٿو ٿي سگھي ڇوته قرآنِ ڪريم جي روشن آٓيتن ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي واضح ارشادات  سان هنن ڪمن جو حرامت هجڻ  ثابت آهي.

رسالو ”صحابيات اور پردھ“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پردي جي باري ۾ بي حد مُفيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل 57 صفحن تي مشتمل رسالو بنام ”صحابيات اور پرده“ جو مطالعه فرمايو،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن رسالي ۾ پردي جي باري ۾ قرآن ۽ سُنَّت مان ورتل مدني گل ۽ بي پردگي جي تباھ ڪارين ۽ پردي جي باري ۾ امير اهلسنت جي مختلف ڪتابن مان کنيل ڪجھ مدني گل به چونڊڻ لاءِ ملندا. ان جي علاوه ويلنٽائن ڊي تي ٿيڻ وارين خرافات جي مذمت بابت وڌيڪ معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جو رسالو ”ويلنٽائن ڊي“ جو مطالعو به ڪيو.

ہر گھڑی شرم و حَیا سے بس رہے نیچی نظر

پیکرِ شرم و حیا بن کر رہوں آقا مُدام

(وسائل بخشش،ص۲۴۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد