Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

ڏياري ويندي آهي۔ اسان به هن سَهولَت مان فائدو کڻندي علمِ دين جي برڪتن کان مالا مال ٿي سگھون ٿا.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٻارهن مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”چوڪ درس “

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان به گُناهن کان بچڻ، فڪرِ آخرت جي لاءِ تڙپڻ ۽ سُنَّتن تي عمل جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي نيڪي جي ڪمن ۾ ترقّي جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي ٻارهن مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ چوڪ دَرس گهٽي جي ڪنڊ، مارڪيٽ يا ڪنهن بارونق هنڌ تي مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ، نيڪين ۾ رَغْبت وڌائڻ، نمازن جي پابندي جو ذِهن بنائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون ڳالهيون پهچائڻ جو ذريعو آهي ۽ ماڻهن تائين عِلمِ دِين جون ڳالهيون پهچائڻ اَجر ۽ ثَواب جو ڪم آهي۔

فرمانِ مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي جيڪو شخص منهنجي اُمَّت تائين ڪا اسلامي ڳالھ پهچائي ته جيئن ان سان سُنَّت قائم ڪئي وڃي يا ان سان بد مذهبي دور ڪئي وڃي ته اهو جنَّتي آهي. (حِلْيۃُ الْاولياء ج۱۰ ص ۴۵ حديث ۱۴۴۶۶) هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: ”الله تَعَاليٰ ان شخص کي با رونق ۽ شاداب رکي جيڪو منهنجي حديث کي ٻڌي، ياد رکي ۽ ٻين تائين پهچائي۔“

                                                 (سُنَنِ تِرمِذي ج۴ ص ۲۹۸ حديث ۲۶۶۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! چوڪ درس جون وڏيون برڪتون آهن بعض اوقات چوڪ دَرس ۾ شرڪت جي بَرَڪت سان ماڻهن جي زِندگي ۾ اهڙو مَدَني اِنقلاب