Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

سندن پنهنجي گھر کي اسلام جو مرڪز بنائڻ جي سوچ رنگ لاٿو ۽ سندن مڙس به اسلام جي رنگ ۾ رنڱجي ويا۔ پنهنجن گھرن کي مَدَني ماحول وارو بنائڻ جي لاءِ جيڪڏهن اوهان کي به مُشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ته بُزرگانِ دِين جي قُربانين ۽ انهن جي راھ ۾ ايندڙ مُشڪلاتن کي ياد ڪريو ۽ ياد رکو ته ان پرخَطَر راھ تي هلڻ وڏي دِل گُردي جو ڪم آهي۔ سچي وَفا ته اها آهي ته جڏهن پاڻ مَدَني ماحول جي برڪتن سان فيضياب ٿيون ته پنهنجي ٻين گھر وارن کي به تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سِياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي مُعطّر ۽ مشڪ بار فضائن کان پري نه رهڻ ڏيون۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي ڏينهن رات چوڻ تي ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ڪم وبيش 103شعبا وجود ۾ اچي چڪا آهن اچو! مان اوهان جي سامهون انهن شعبن مان هڪ نهايت اَهم شعبو ”المدينه لائبريري“ جو تعارف پيش ڪيان ٿو۔

مجلس اَلمدينه لائبريري جو تَعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآٓن جي عالمگير غير سِياسِي تحريڪ دعوتِ اسلامي سُنَّتن جي خِدمت 100 کان وڌيڪ شُعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي۔ آسان انداز ۾ علمِ دين جي روشني ڦھلائڻ ۽ ماڻهن کي اسلامي تعليمات  سان رُوشَناس ڪرائڻ جي لاءِ انهن شعبن مان هڪ  شُعبو
”المدينه
لائبريري“ به قائم ڪيو ويو آهي۔ جنهن ۾ مُطالَعي جي لاءِ خُوشگوار ماحول، آڊيو، ويڊيو بيان ۽ مدني مذاڪرا ٻڌڻ ۽ مَدَني چينل ڏسڻ جي لاءِ ڪمپيوٽر وغيره جي ترڪيب بڻائي ويندي آهي۔ المدينه لائبريري ۾ مُختلِف مَوضُوعن تي مُشتمِل شيخِ طريقت، اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه، عُلَماءِ اهلسنت کثَّرَهمُ الله تَعَالٰي ۽ اَلمدِينَةُ العِلمِيه جا ڪتاب ۽ رسالا ۽ VCDs, CDs  ميموري ڪارڊز وغيره رکڻ جي مجلس جي طرفان طئي ٿيل نظام جي مطابق رکڻ جي ترغيب