Book Name:Yazeed ka bura kirdar

صدقي ۾ رَضا کي محشر جي ميدان ۾ هر قسم جي مشڪلاتن ۽ پريشانين کان بچائي مرڪندڙ (يعني ٽرندڙ) گل جيان ڪري ڇڏيو۔

(شرح حدائقِ بخشش، ص:۲۱۷، ماخوذاً)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهو اُصول چڱي طرح ذِهن نشين ڪري وٺو ته جهڙي طرح صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ اهلبيت اَطهار جي مَحَبَّت دُنيا ۽ آخرت ۾ نجات جو ذريعو آهي، ائين ئي انهن سان بُغض ۽ عدوات رکڻ ۾ هلاڪت ئي هلاڪت آهي، جيئن ته

صحابه جي دُشمن جو انجام

هڪ شخص حضرت سَيدُنا سعدبن ابي وقاصرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سامهون صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم جي شان ۾ گُستاخي ۽ بي اَدَبي وارا لفظ چوڻ لڳو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو ته تون پنهنجي هن خبيث حرڪت کان باز رهو نه ته مان تنهنجي لاءِ بد دُعا ڪندس۔ اُن گُستاخ ۽ بيباڪ چيائين ته مون کي اوهان جي بد دُعا جي ڪا پروا ناهي۔ اوهان جي بددُعا سان منهنجو ڪجھ به نٿو بِگڙي سگھي۔ اهو ٻڌي اوهان کي جلال اچي ويو ۽ پاڻ ان وَقت اها دُعا گھري ته يا اللهعَزَّ وَجَلَّ! جيڪڏهن هن شخص تنهنجي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارن صحابين جي توهين ڪئي آهي ته اڄ ئي هن کي پنهنجي قَهر وغَضَب جي نشاني ڏيکار ته جيئن ٻين کي ان کان عبرت حاصل ٿئي۔ ان دُعا کان پوءِ جيئن ئي اهو شخص مسجد مان ٻاهر نڪتو ته اوچتو هڪ ڇتو اُٺ ڪٿان کان ڊوڙندو آيو ۽ ان کي ڏندن سان چٻاڙڻ لڳو ۽ ان جي مٿان ويهي هن کي ايتري قدر زور سان دَٻايائين جو ان جي