Book Name:Yazeed ka bura kirdar

حرامِ قطعي آهي ۽ ان کي حلال سمجھي پيئڻ ڪفر آهي۔بدقِسمتي سان اسان جي مُعاشري ۾ اها بُرائي به عام ٿيندي پئي وڃي۔ ياد رکو! شراب تمام بُرائين جي جڙ آهي ڇوته شراب پيء ڪري انسان هر گُناھ ۾ آساني سان ڦاسي پوي ٿو ڇوته شرابي کي هوش ناهي هوندو ۽ اهو بري ڀلي جي تميز به وساري ويهي ٿو، شراب ڪهڙا گناھ ڪرائيندي آهي ۔ اچو ان باري ۾ هڪ حديثِ پاڪ ٻڌون ٿا، جيئن

شراب ڇا ڪرائي ڇڏيو

حضورنبي مُڪرَّم،نُورِمجسَّمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمائن ٿا: بُرائين جي ماءُ (يعني شراب) کان بچو، ڇوته توهان کان پهرين هڪ شخص هو، جيڪو ماڻهن کان الڳ ٿلڳ رهي ڪري الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪندو هو. هڪ عورت ان جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي ۽ انهيءَ ڏانهن خادم کي چورائي موڪليو ته شاهدي جي سلسلي ۾ تنهنجي ضرورت آهي. اهڙي طرح هو اُتي پهچي ويو ۽ جنهن دروازي مان اندر داخل ٿيندو ويو، اهو بند ڪيو پئي ويو، ايستائين جو هو هڪ انتهائي حَسين ۽ جميل عورت وٽ وڃي پهتو، جنهن جي ويجهو هڪ ڇوڪرو بيٺو هو ۽ اُتي شيشي جو هڪ وڏو ٿانوءُ هو، جنهن ۾ شراب هيو. انهيءَ عورت چيو؛ ”مون توکي ڪنهن قسم جي شاهدي ڏيڻ لاءِ ناهي گهرايو، پر انهيءَ لاءِ گهرايو آهي ته تون هن ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏ، يا منهنجي نفساني خواهش کي پورو ڪر يا پوءِ شراب جو هڪ گلاس پي وٺ، جيڪڏهن منع ڪندي ته آئون رڙيون ڪنديس ۽ توکي ۽ ذليل ۽ رُسوا ڪري ڇڏينديس.“ جڏهن هن شخص ڏٺو ته ڇوٽڪاري جي ڪا راهه ناهي ته هو شراب پيئڻ تي راضي ٿي ويو. عورت شراب جو هڪ جام پياريو ته اُن (نشي ۾ جهومندي) وڌيڪ شراب گهريو. هو انهيءَ طرح شراب پيئندو رهيو، ايستائين جو نه صرف انهيءَ عورت سان مُنهن ڪارو