Book Name:Yazeed ka bura kirdar

ڪرڻ وارا، ڪثرت سان مُطالعو ڪرڻ وارا، تلاوت قرآن جو ذَوق رکڻ وارا، عاجزي ۽ اِنڪساري جا پيڪر ها، پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرض ۽ واجبات سان گڏوگڏ سُنَّتن ۽ مُستَحَبَّن تي عمل ڪرڻ وارا، حُسن اَخلاق سا پيش اچڻ وارا، وَقت جا قدر دان، بهترين مُدَرِّس ۽ بهترين امام هئا، پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه نيڪي جي دعوت ڏيڻ، مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ ۽ مدني مرڪز جي اطاعت ڪرڻ وارا هئا۔ پاڻ مُرشِد مُرشِد ڪرڻ وارا، مُرشِد سان محبت ڪرڻ وارا ۽ مُرشِد به ان سان محبت ڪندا، الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اِستقامت عطا فرمائي ۽ گُناهن کان بچندي خُوب خُوب نيڪيون ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

یقیناً مُقدَّر کا وہ ہے سکندر

 

جسے خیرسے مل گیا مدنی ماحول

یہاں سُنّتیں سیکھنے کو ملیں گی

 

دِلائے گا خوفِ خدا مدنی ماحول

گنہگارو آؤ، سیہ کارو آؤ

 

گُناہوں کو دیگا چُھڑا مدنی ماحول

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

يزيد جون بُرائيون ۽ انهن جو بائيڪاٽ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يزيد پليد جن خُرافات ۽ بُرائين کي سَرِعام ڪيو هو، بد قسمتي سان اڄ اهي ئي شيون اسان جي مُعاشري ۾ به عام ٿينديون پيون وڃن، حالانڪ شريعتِ مُطهره، شريعتِ اِسلاميه انهن سمورين بُرائين مثال طور شراب پيئڻ، گانا باجا ٻڌڻ، وياج کائڻ، نماز نه پڙھڻ جي مذمت ۽ انهن جا نُقصان بيان ڪيا آهن، اچو! ان مان ڪجھ برائيون ۽ ان جا نُقصان ٻڌون ٿا۔

يزيد جي هڪ بُرائي شراب نوشي

يزيد جي هڪ بُري عادت شراب نوشي هئي جڏهن ته شراب پيئڻ