Book Name:Yazeed ka bura kirdar

رِسالو جمع ڪرائيندا آهن۔ اسان جا بزرگھانڻ دين نه صرف پاڻ پنهنجي عملن جو مُحاسبو ڪندا هئا بلڪه ماڻهن کي به ان جو ذِهن ڏيندا هئا جيئن

اَمِيرُ الْمُؤمِنْين حضرتِ سَيدُنا عُمر فارُوقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”اي انسانو! پنهنجي عملن جو حساب ڪري وٺو، ان کان پهريان جو قيامت اچي وڃي ۽ توهان کان ان جو حساب ورتو وڃي۔ (حلية الاولياء ،ج۱،ص۵۶) شيخِ طريقت ،اميرِ اهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جن هن پُرفِتَن دَور ۾ فڪرِ آخرت جو ذِهن بنائڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي طريقن تي مُشتمل مَدني اِنْعامات سُوالن جي صورت ۾ عطا فرمايا آهن۔ اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، اسڪولز، ڪالجز ۽ جامعة المدينه جي شاگردن جي لاءِ 92، شاگردياڻين جي لاءِ 83 ۽ مدرسة المدينه جي مدني مُنّن جي لاءِ 40 مَدَني اِنعامات آهن، اِهڙي طرح خُصُوصي يعني گونگن ٻوڙن ۽ نابين اسلامي ڀائرن جي لاءِ 27، قيدين جي لاءِ 52 مَدَني اِنعامات ترتيب ڏنا آهن۔ مَدَني اِنعامات جا رسالا مَڪتبة المَدِينه جي ڪنهن به شاخ تان هديو ڏئي طلب ڪري سگھجن ٿا، ان جو بَغَور مُطالعو ڪرڻ کان پوءِ اسان ان نتيجي تي پهچنداسين ته اهي حقيقت ۾ خُود اِحتِسابي جو هڪ جامع نِظام آهي، جنهن کي اپنائڻ کان پوءِ نيڪ بڻجڻ جي راھ ۾ حائل رُڪاوٽون، اللهعَزَّ وَجَلَّ جي فَضل وڪرم سان آهسته آهسته پري ٿي وينديون آهن ۽ ان جي بَرَڪت سان پابند سُنَّت بڻجڻ، گُناهن کان نَفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حِفاظت جي لاءِ تڙپڻ جو ذِهن بڻجندو آهي۔ اچو! مدني انعامات جي رسالي جي هڪ مدني بهار مُلاحظه ڪيو۔

مَدَني انعامات جي رسالي جي بَرَڪت

نيوڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاء جو ڪجھ ان طرح بيان آهي: علاقي