Book Name:Yazeed ka bura kirdar

يزيد جو بُرو ڪردار ۽ ان جو سبب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يزيد پليد صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو مُبارڪ زمانو ڏٺو پوءِ به انهن جو قُرب حاصل نه ڪري سگھيو ۽ نه ئي انهن جي تعظيم ڪري پنهنجي لاءِ آخرت جي نجات جو سامان ڪري سگھيو بلڪ ان رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪ گھراڻي تي تمام گھڻو ظُلم و سِتم ڪيو ۽ انهن تي مصيبتن جو سبب بڻيو۔ يزيد پليد اهو سڀ تاج و حڪومت ۽ دُنياوي مال ۽ دولت جي مَحَبَّت ۾ ڪيو، ڇوته ان ظالمِ بَد اَنجام کي امامِ عالي مقام، سَيدُنا امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي ذاتِ گرامي مان پنهنجي اِقتِدار بابت خطرو محسوس ٿيندو هو حالانڪ حضرت سَيدُنا امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ناپائيدار دنيا جي ڪهڙي ضرورت! پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ته ڪلھ به اُمَّتِ مُسلمه جي دِلين جا تاجدار هئا، اڄ به آهن ۽ باقي دُنيا تائين رهندا۔ پر ان يزيد بدبخت مال ودولت جي نَشي ۾ بدمست ٿي پنهنجي آخرت سان گڏوگڏ دُنيا به تباھ وبرباد ڪري ڇڏي۔ واقعي دُنيا جي مَحَبَّت هر فِتني فساد جو سبب آهي، اها سڄي تباهي دُنيا جي مَحَبَّت ئي مچائي آهي، دُنيا جي مَحَبَّت انسان کي ظالم بڻائيندي آهي، دُنيا جي مَحَبَّت انسان کي بي حِس و بيباڪ بڻائيندي آهي، دُنيا جي مَحَبَّت انسان کي پٿر دِل بڻائيندي آهي، دُنيا جي مَحَبَّت عملن کي ضائع ڪندي آهي، دُنيا جي مَحَبَّت دِين کي نُقصان پهچائڻ جو سبب آهي، دُنيا جي مَحَبَّت گمراهي جو سبب آهي، دُنيا جي مَحَبَّت انسان کي نيڪين کان پري ڪندي آهي، دُنيا جي مَحَبَّت ئي گُناهن تي دلير ڪندي آهي۔ اچو دُنيا جي مذمّت تي 3 فرامينِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.    دُنيا جي مَحَبَّت سمورن گُناهن جي جڙ آهي۔ (ڪتاب ذم الدنيا مع موسوعة الامام ابن ابي الدنيا ج۵ ص۲۲ حديث۹)