Book Name:Yazeed ka bura kirdar

يزيد جي ٻي بُرائي، گانا باجا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يزيد پليد ۾ هڪ بُرائي اها به هئي ته اهو گانا باجا ٻڌڻ جو عادي هو جڏهن ته گانا باجا ٻڌڻ ناجائز، سخت حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ پر افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اها ئي بُرائي اڄ اسان جي معاشري ۾ به عام ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ننڍو هجي يا وڏو، مرد هجي يا عورت اڪثر ان بُرائي ۾ مبُتلا نظر ايندا آهن، ائين معلوم ٿيندو آهي جو ڄڻ ته موسيقي مسلمانن جي رَڳ رڳ ۾ لهندي پئي وڃي، تقريباً هر جڳھ تي موسيقي جون ڌُنون ٻڌيون وينديون آهن۔ هوٽل هجي يا مڪان ۽ دُڪان، ڪارخانو هجي يا گودام، ڪار هجي يا بس، ٽيڪسي هجي يا سُوزوڪي، هر هنڌ تي مسلمان ان بُري آفت جا شڪار نظر ايندا آهن۔ اهڙي طرح ٻارن جي اڪثر رانديڪن ۾ به ميوزڪ هوندو آهي۔ ويچاري جي جُھولي جي مٿي رانديڪو لٽڪايو ويندو آهي جيڪو ان کي موسيقي ٻڌائيندو ۽ سمهاريندو آهي۔ جڏهن ننڍپڻ ئي کان ٻار ميوزڪ ٻڌڻ جو عادي هوندو ته وڏو ٿي ميوزڪ کان ڪيئن بچي سگھندو۔ اڄڪلھ موبائل فون جي ذريعي مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ گانا باجا ٻڌڻ ته نهايت ئي آسان ٿي چڪو آهي۔ جديد دور جي ان ايجاد سان جتي ڏينهن رات گانا ٻڌڻ جو گناھ ٿي رهيو آهي، اتي پنهنجي موبائل فون تي ڪالر ٽون (Caller Tune) ۽ رِنگ ٽون(Ring Tune) سيٽ ڪري ٻين کي ٻڌائي ناجائز وحرام ڪم جو اِرتڪاب ٿي رهيو آهي۔ افسوس صد افسوس! هاڻي ته مسجدن ۾ بلڪ مسجدُ الحرام شريف ۾ ۽ اهو به عين خانه ڪعبه جي طواف ۾ ماڻهن جي موبائل فون جون گھنٽيون بلڪ مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ ميوزيڪل ٽونز وڄنديون رهن ٿيون، حالانڪه ميوزيڪل ٽون ته مسجِد کان ٻاهر به ناجائز آهي۔ (ته مسجد ۾ ته