Book Name:Yazeed ka bura kirdar

جي مسجد جا امام صاحب جيڪي دعوتِ اسلامي سان وابسته آهن، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي منهنجي وڏي ڀاء کي مَدَني انعامات جو هڪ رسالو تحفي ۾ ڏنو، اهي گھر کڻي آيا ۽ پڙهيو ته حيران رهجي ويا ته ان مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي۔ مَدَني انعامات جو رسالو ملڻ جي برڪت سان
اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ ان کي نماز جو جذبو مليو ۽ باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويا ۽ هاڻي پنج وقت جا نمازي بڻجي چڪا آهن، ڏاڙھي مبارڪ به سجائي ورتي ۽ مدني انعامات جو رسالو ڀريندا آهن۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

يزيد جي چوٿين بُرائي ،نماز نه پڙھڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يزيد پليدجن بُرائين ۾ مبتلا هو ان مان هڪ اها به هئي ته اهو يا ته سِري کان نماز ئي نه پڙھندو هو ۽ جيڪڏهن پڙھندو به هو ته قَضا ڪري پڙھندو هو، حالانڪه نماز قَضا ڪري پڙھڻ به گُناھ آهي، ۽ نه پڙھڻ ته ان کان به وڏو گُناھ آهي۔ اڄڪلھ اهو گناھ به بلڪل عام آهي۔ پهريان ته اسان جي اڪثريت نمازن جي ادائيگي کان غافل ۽ حُقُوقُ الله پامال ڪرڻ ڏانهن مائل نظر ايندي آهي ۽ جيڪي ڪجھ باقي مُسَلمان نَماز پڙھندا به آهن، ان مان شايد هڪ فيصد (1%) کي به دُرست نماز پڙھڻ ايندي هجي۔ ياد رکو! حُقُوقُ الله مان نَماز اِنْتهائي اَهمِّيت جي حامِل آهي، جنهن جو اَندازو ان ڳالھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته قيامت جي ڏينهن حُقُوقُ الله مان سڀ کان پهريان ان جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو۔حَدِيثِ پاڪ ۾ آهي ”اَوَّلُ مَايحَاسَبُ بِه الْعَبْدُ يوْمَ الْقِيامَة صَلَا تُه“ يعني سڀاڻي قِيامَت جي ڏينهن ٻانهي