Book Name:Yazeed ka bura kirdar

ٻاهر کان ڏسجي رهيا هئا. مون جبرائيل کان پڇيو: ”هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟“ انهن عرض ڪيو: ”هي وياج خور آهن.

 ( سنن ابن ماجه، ڪتاب التجارات، باب التغليظ في الربا، الحديث:2273،ج3،ص71)

رسالو" وياج ۽ ان جو علاج "جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان جي پيٽ ۾ جيڪڏهن معمولي جيت هليو وڃي ته طبيعت ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي۔ قيامت جو اهو سخت عذاب ڪيئن برداشت ڪنداسين؟ وياج کائڻ وارن ماڻهن جا پيٽ ايترا وڏا ٿي ويندا جيئن ڪنهن مڪان جا ڪَمَرا۔ ان ۾ نانگ ۽ وڇو وغيره هوندا۔ ڪيتري قدر ڀيانڪ عذاب آهي۔ وياج جي مذمّت ۽ ان جي علاج بابت مزيد مُفيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل رِسالو ’’وياج ۽ ان جو علاج ‘‘هٿو هٿ مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان هدية حاصل فرمائي پاڻ به ان جو مُطالَعو ڪيو ۽ ٻين مسلمانن سان خيرخواهي جو ثواب ماڻڻ ۽ انهن کي ان گُناھ کان بچائڻ جي لاءِ تحفي طور پيش ڪيو، ان جو کوڙ ساريون برڪتون نصيب ٿينديون. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

12 مدني ڪمن مان هڪ ماهوار مدني ڪم ”مدني انعامات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪين جو جذبو حاصل ڪرڻ ۽ گُناهن کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان ماهوار هڪ مدني ڪم "مدني انعامات جو رِسالو"جمع ڪرائڻ به آهي۔خوش نصيب عاشقانِ رسول پنهنجي عملن جو مُحاسَبو ڪندي مَدني انعامات تي عمل جي سعادت حاصل ڪندي ۽ روزانه فڪرِ مدينه جي ذريعي مدني انعامات جو رِسالو ڀريندا آهن ۽ مدني مهيني جي پهرين تاريخ تي