Book Name:Yazeed ka bura kirdar

اوهان انهن سان مَحَبَّت ڪيو ٿا؟ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ها! جنهن انهن سان مَحَبَّت ڪئي، ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن انهن سان بُغض رکيو، ان مون سان بُغض رکيو۔

 (مستدرڪ،ڪتاب معرفة الصحابة، رڪوب الحسن و الحسين ۔۔الخ،۴/۱۵۶،حديث: ۴۸۳۰ )

حضرت سيدنا ابُو هرَيره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي محبتِ رسول جو اهو معيار بارگاھِ رسالت مان عطا ٿيو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سڄي عمر ان کي اپنائي رکيو، جڏهن مروان بن حڪم حضرت سَيدنا ابُو هرَيره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي بارگاھ ۾ وفات جي وقت حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: ”جڏهن کان اوهان جي صُحبت اختيار ڪئي آهي، مون اوهان جي ذات ۾ حضراتِ حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جي مَحَبَّت تمام گھڻي ڏٺي آهي۔“ اهو ٻُڌي حضرت سيدنا ابُوهرَيره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيقرار ٿي بيهي رهيا ۽ ارشاد فرمايائون: هڪ ڀيري اسان نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ ڪيڏانهن وڃڻ جي لاءِ نڪتاسين، اڃا ڪجھ ئي رستو طئي ڪيو هو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حسنينِ ڪريمينرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ اهي ٻئي ان وَقت پنهنجي والده وٽ هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جلدي جلدي هلندي، انهن وٽ تشريف کڻي ويا۔ مون پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سيده فاطمة الزَّهرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها کي اهو فرمائيندي ٻڌو: منهنجي پٽن کي ڇا ٿيو؟ عرض ڪيائون: اُڃ (يعني اُڃ جي ڪري ٻئي روئي رهيا آهن۔) نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  پاڻي ڀرڻ جي لاءِ مَشڪيزي ڏانهن وڌيا، پر ان ۾ پاڻي مَوجُود نه هو ڇوته اُنهن ڏينهن ۾ پاڻي جي ايتري سخت قِلَّت هئي جو ماڻهو به پاڻي جي ڳولا ۾ رهندا هئا۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ماڻهن کي پُڪاري فرمايائون: ڇا توهان مان ڪنهن وٽ پاڻي آهي؟