Book Name:Yazeed ka bura kirdar

پويان ڀڄندو آهي، دُنيا ان کان ايترو ئي ڀڄندي آهي، جيئن پاڇو سج جي ڏانهن مُنهن ڪري هلڻ واري جي پويان پويان ايندو آهي ۽ سج کي پٺي ڏئي هلڻ واري جي اڳيان اڳيان ڀڄندو آهي، جيڪڏهن اهو شخص پنهنجي اڳيان ڀڄڻ واري پاڇي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري به ته ناڪام ٿيندو۔

(فيض القدير،۳/۶۶۶ تحت الحديث:۴۱۱۴)

دولتِ دُنیا سے بے رغبت مجھے کر دیجئے

میری حاجت سے مجھے زائد نہ کرنا مالدار

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مفتي دعوتِ اسلامي جا اَوصاف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اها حقيقت آهي ته جيڪو دُنيا جي پويان ڀڄندو آهي ته دُنيا ان کي پنهنجي پويان ڀڄائيندي آهي ۽ اهو دُنيا جي مَحَبَّت ۾ سَرڪش ۽ نافرمان ٿي آهسته آهسته دِين کان پري پيو ٿيندو آهي ۽ جيڪو خوش نصيب دُنيا کان بي رغبتي اِختيار ڪندو آهي ته دُنيا خود ان جي قدمن ۾ اچي ڪرندي آهي۔ جيڪڏهن اسان دُنيا جي مَحَبَّت کان پيڇو ڇڏائي فڪرِ آخرت پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان شريعت ۽ سُنَّت جي مُطابق عمل ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿيندي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان مُتَّقِي و پرهيز گار، چڱين عادات وڪردار وارا بي شُمار اسلامي ڀائر وابسته آهن، انهن مان هڪ مرحوم مُفتي دعوت اسلامي الحافظ القاري الحاج محمد فاروق العطاري المدنيرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه به آهن، جيڪي نهايت ئي اعلي اَوصاف جا مالڪ ها، پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه خوفِ خدا ۽ عشق رسول رکڻ وارا، دُنيا کان بي رغبت، قَناعت پسند ۽ مُصيبت تي صبر