Book Name:Yazeed ka bura kirdar

هر هڪ ڪجاوي (سوارين تي ويهڻ جي لاءِ اُٺ جي چيلھ تي ٺاهيل ڏولي) تي لٽڪيل مَشڪن ۾ پاڻي ڏٺو پر انهن مان هڪ ڦڙو به نه مليو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن خاتونِ جنّت، سيده فاطمة الزّهرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها کي فرمايائون: هڪ ننڍڙو مون کي ڏيو۔ خاتونِ جنّت سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها هڪ ٻار کي پردي مان ڏئي ڇڏيو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُنهن کي کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو پر اهو وڌيڪ اُڃ جي ڪري مُسلسل روئي رهيو هو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اُن جي وات ۾ پنهنجي زبان مُبارڪ وڌي ته اهي ان کي چُوسڻ لڳا ايستائين جو سيراب ٿي ويا، (حضرت سيدنا ابُوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته) مون ٻيهر انهن جي روئڻ جو آواز نه ٻڌو، جڏهن ته ٻيا (شهزاده) اهڙي طرح مُسلسل روئي رهيا هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ”ٻئي کي به مون کي ڏيو۔“ خاتونِ جنّت سيده فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها ٻئي کي به حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حوالي ڪري ڇڏيو، حضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن سان به ساڳيو ئي مُعاملو فرمايو، (يعني ان جي وات ۾به پنهنجي مُبارڪ زبان وڌي ته اهي به سيراب ٿي خاموش ٿي ويا) ان کان پوءِ ٻئي شهزادا اهڙا ماٺ ٿيا جو مون ٻنهن جو ٻيهر روئڻ جو آواز نه ٻڌو۔ حضرت سيدنا ابُو هُرَيره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مزيد فرمائن ٿا: مان انهن سان ڇو نه مَحَبَّت ڪيان جڏهن ته مون نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي انهن سان ائين ڪندي ڏٺو آهي۔ (معجم ڪبير ،بقية اخبارحسن بن علي بن أبي طالب، ۳/۵۰،حديث:۲۶۵۶)

اُن دو کا صدْقہ جن کوکہا میرے پھُول ہیں

کیجے رضاؔ کو حشر میں خنداں مثالِ گُل

شعر جي وضاحت:

اي منهنجا پيارا آقا! پنهنجي جن ٻن شهزادن کي اوهان پنهنجو گل فرمايو يعني حَضرت امامِ حسن ۽ حضرتِ امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا انهن جي