Book Name:Yazeed ka bura kirdar

”اَلسَّلامُ عَلَيڪم“ جي يارهن اکرن جي نسبت سان سَلام جا 11 مَدَني گل

مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ][ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله عَزَّوَجَلَّ جو مُقرّب آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي؛ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 433 حديث 8786) ][ سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿين ٿيون۔ (ڪيميائے سعادت )] [ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ][ اهڙي طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحْمَۃُ الله وَبَرَکاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون ][ سلام جو جواب جلدي ۽ ايڏي آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي ][ سلام ۽ سلام جي جواب جو صحيح تَلَفُّظ ياد ڪري وٺو۔ پهريان مان چوان ٿو اوهان ٻڌي دُهرايو؛ اَلسَّلامُ عَلَیکُمْ (اَسْ۔سَلامُ ۔عَلَیْ۔کُمْ) هاڻي پهريان مان جواب ٻڌايان ٿو پوءِ اوهان دُهرايو؛ وَعَلَیکُمُ السَّلام (وَعَلَیْکُ۔ مُسْ ۔سَلَام)

 

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن