Book Name:Yazeed ka bura kirdar

يزيد جي ٽين بُرائي، وياج

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يزيد پليد جي برائين مان هڪ بُرائي اها به هئي جو ان وياج جھڙي بري گناھ کي عام ڪيو، حالانڪه وياج قطعي حرام ۽ دوزخ ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. انهيءَ جي حرام هئڻ جو انڪار ڪندڙ ڪافر ۽ جيڪو حرام سمجهي ڪري انهيءَ بيماريءَ ۾ ڦاسي، اهو فاسِق ۽ مردودُ الشهادة آهي. (يعني ان جي شاهدي قبول نه ڪئي ويندي(. بدقسمتي سان اها بُرائي به اسان جي مُعاشري ۾ وڏي تيزي سان ڦهلجندي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن حاجت مند کي قرض (Loan) جي ضرورت پوي ته هنڌ هنڌ تي وياجي اِدارا قائم آهن، جتان کان آساني سان وياج تي قرض ملي ويندو آهي ۽ قرض وٺڻ وارو به خوشي سان وياج (Interest) تي قرض کڻندو آهي ۽ ان کي ڪو بُرائي به تصور ناهي ڪندو، اهڙي موقعي تي جيڪڏهن دِين جو درد رکڻ وارو ڪو اسلامي ڀاء سمجھائڻ جي ڪوشش به ڪري ته ان قسم جون ڳالهيون ٻڌڻ جي لاءِ ملن ٿيون: ”ادا ڇا ڪيون مجبوري آهي، اسان ته بي وس آهيون، ان جي علاوه ٻيو چارو ئي ناهي، اسان اڪيلا ڇا ٿا ڪري سگھون وغيره وغيره‘‘ حالانڪه اهي ڳالهيون دُرُست نه آهن، ڇوته نه ته اسان بي وس ۽ مجبور آهيون ۽ نه ائين آهي جو انهن حرام ڪارين کان سواء ڪو چارو ناهي ۽ جيستائين ان ڳالھ جو تعلّق آهي ته اسان اڪيلا ڇا ٿا ڪري سگھون، گھٽ ۾ گھٽ اسان پنهنجي ئي اصلاح جي ڪوشش جو جذبو ته پيداڪيون، همّٿ و حوصلي ۽ سچي نيت سان عملي ميدان ۾ اڳتي وڌون، ڇا خالي نعرا لڳائڻ سان مُعاشري جو بِگڙيل نظام دُرست ٿي ويندو؟ ڇا محض فڪر ڪرڻ سان مُعاشري ۾ تبديلي اچي ويندي؟ جي نه، بلڪ اسان کي سڀ کان پهريان پنهنجو پاڻ کي بدلڻو پوندو، پنهنجو جائزو وٺڻو پوندو، اوهان تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسي وٺو، اسلام جي عظيم سِپه