Book Name:Yazeed ka bura kirdar

جن جو ذڪر ڪرڻ ناگوار آهي۔ مسجدِ نَبَوِي شريف (عَلٰي صَاحِبِھَاالصَّلٰوة وَالسَّلَام) جي سُتونن ۾ گھوڙا ٻڌيا، ٽن ڏينهن تائين مسجد شريف ۾ ماڻهو نماز نه پڙهي سگھيا۔ صرف حضرت سَعِيد بن مُسَيب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ دِيوانو بڻجي اتي حاضر رهيا۔ حضرت سَيدُنا عبدُالله بن حَنظَلَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما جن فرمايو ته يزيدين جون بُريون حرڪتون ايتري حد تائين پهتيون جو اسان کي انديشو ٿيڻ لڳو ته انهن جي بدڪارين جي ڪري ڪٿي اسان تي آسمان تان پٿر نه وسن۔ (الصواعق المحرقه ،الباب الحادي عشر،الخاتمه في بيان اعتقاد اهل السنة، ص۲۲۱ملخصاً) پوءِ اهو شرير لشڪر، مَڪه مُڪرَّمَه ڏانهن روانو ٿيو، راھ ۾ لشڪر جو امير مري ويو ۽ ٻيو شخص اُن جو قائم مقام ڪيو ويو۔ مَڪه مُعَظَّمَه (زَادَها اللّٰه شَرَفًاوَّتَعْظِيماً) پهچي انهن بي دِينن مِنْجَنِيق (اهو پتّھر اڇلائڻ جو آله هوندو آهي جنهن سان پٿر اڇلايو ويندو آهي ان جي زَد وڏي زبردست ۽ پري تائين مار هوندي آهي) سان پٿرن جي بارش ڪئي۔ ان سنگ باري سان حَرَم شريف جو مُبارَڪ صحن پٿرن سان ڀرجي ويو ۽ مسجد ِحرام جا سُتون ٽُٽي پيا ۽ ڪعبه مُقَدَّسه جي غِلاف شريف ۽ ڇت کي انهن بي دِينن ساڙي ڇڏيو۔ ان ڇت ۾ ان گھٽي (دُنبي) جا سڱ به تَبَرُّڪ طور تي محفوظ هئا، جيڪي حضرت سَيدُنا اسمٰعيل عَلٰي نَبِينَا وَعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي فِديي ۾ قُربان ڪيو ويو هو، اهي (سڱ) به سڙي ويا، ڪعبو شريف ڪئي ڏينهن تائين بي لباس رهيو ۽ اتي جا رهواسي (يزيدي لشڪر جي طرفان پهچڻ واري) سخت مُصيبت ۾ مبُتلا رهيا۔

(خلاصه سوانح ڪربلا،ص ۱۷۷ تا۱۷۹ ،ملخصاً)

خرافاتِ يزيد پليد جو بائيڪاٽ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته يزيد پليد پنهنجي دَورِ حڪومت ۾ بدڪرداري جو ثُبُوت ڏيندي ڪئي برائين کي عام ڪيو مثال طور، مَحارِم (اهي رشتيدار جن سان نڪاح حرام آهي ان) سان نڪاح ۽ وياج وغيره