Book Name:Yazeed ka bura kirdar

يزيد پليد جا بُرا فعل

صَدْرُ الْافَاضِل حضرت علّامه مولانا مُفتي سَيد محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ارشاد فرمائن ٿا ته شهزاده ڪونين، حضرت امام حُسَين
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جو وُجُودِ مُبارَڪ يزيد جي آزادين جي لاءِ هڪ زبردست مُحتَسِب (يعني حساب وٺڻ وارو) هو، ان کي خبر هئي ته پاڻ (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) جي مُبارَڪ وقت ۾ اُن کي کُلي بُرا فعل ڪرڻ جو موقعو نه ملندو ۽ ان جي ڪنهن به غلط حرڪت ۽ گمراهي تي حضرت امام حسينرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  صبر نه فرمائيندا، ان کي نظر ايندو هو ته امام(حسين) رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جهڙي دِيندار جو ڪوڙو هر وقت ان جي مٿي تي وسي رهيو هو، انهيء ڪري اهو ويتر وڌيڪ حضرت امام (حسين) رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي جان جو دُشمن هو ۽ ان ڪري حضرت امام (حسين) رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي شهادت ان جي لاءِ خوشي جو باعث ٿي۔

 حضرت امام(حسين) رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شهادت ٿي، يزيد بلڪل آزاد ٿي ويو ۽ مختلف قسمن جا گُناھ عام ٿي ويا۔ حرام ڪاري، ڀاءُ ڀيڻ جو نڪاح، وياج، شراب، اعلانيه رائج ٿي ويو، نمازن جي پابندي کڄي وئي، بَغاوت ۽ سرڪشي اِنتها تائين پهتي، خَباثت ايتري ته وڌي وئي جو مُسلِم بن عُقبه کي ٻارهن هزار (12000) يا ويھ هزار (20,000) جو لشڪر ڏئي مدينه طَيبَه تي چڙھائي جي لاءِ موڪليو۔ ان نامُراد لشڪر مدينه طَيبَه  (زَادَها اللّٰه شَرَفًاوَّتَعْظِيماً) ۾ اهو طُوفان برپا ڪيو جو الله جي پناھ! قتل وغارت ۽ طرح طرح جا ظلم، رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڙي وارن تي ڪيا، اتي رهڻ وارن جي گھرن ۾ لُٽ مار ڪئي، ست سو (700) صحابه عَلَيهمُ الرِّضْوَان  کي شهيد ڪيو ۽ ٻين عام رهواسين کي مِلائي ڏھ هزار (10,000) کان وڌيڪ کي شهيد ڪيو، ڇوڪرن کي قيدي ڪري ورتو، اهڙيون اهڙيون بد تميزيون ڪيون،