Book Name:Yazeed ka bura kirdar

پاسراٽين جون هڏيون چُور چُور ٿي ويون ۽ اهو فوراً ئي مري ويو۔ اهو منظر ڏسي ماڻهو ڊوڙندا حضرت سَيدُنا سعد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي مبارڪ باد ڏيڻ لڳا ته اوهان جي دُعا قبول ٿي وئي ۽ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم جو دشمن هلاڪ ٿي ويو۔  (دلائل النبوة للبيهقي ، ج۶، ص۱۹۰)

امیں ہیں یہ قرآن ودین ِخدا کے

 

مدارِ ہدیٰ اعتبارِ صحابہ

رسالت کی منزل میں ہر ہر قدم پر

 

نبی کو رہا انتظارِ صحابہ

انہیں میں ہیں صدیق وفاروق وعثماں

 

انہیں میں علی شہسوارِ صحابہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم جي شان ۾ ٿوري گُستاخي ڪرڻ واري جو اَنجام ڪيترو خطرناڪ ۽ عبرتناڪ ٿيو، واقعي اها حقيقت آهي ته الله وارن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ يا انهن کي ڪنهن به طرح سان تڪليف پهچائڻ، الله عَزَّ وَجَلَّ  جي عذاب کي دعوت ڏيڻ واري ڳالھ آهي۔ انهن بُزرگن جي شان ۾ گُستاخي ۽ بي ادبي ڪرڻ وارا دُنيا ۾ ته ذليل ۽ رُسوا ٿيندو ئي آهي آخرت ۾ به ذِلّت اُن جو مُقدَّر ٿيندي۔ يزيد پليد به اهو بد نصيب شخص آهي جنهن نه رڳو صحابه ڪرام
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم جي توهين جو مُرتڪب ٿيو بلڪ ان جي پيشاني تي اهلِ بَيتِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي بي گُناھ شهيد ڪرڻ جو ڪارو داغ (به) آهي ۽ جنهن جي هر زماني ۾ اسلامي دُنيا مذمّت ڪندي رهي آهي ۽ قيامت تائين ان جو نالو حَقارت (ذِلَّت) سان ورتو ويندو۔ اهو بَد باطن، سِياه دل (شخص) 25 هجري ۾ دَمِشق ۾ پيدا ٿيو۔ نهايت ٿلهو، بدنُما، بداَخلاق، بد مِزاج، فاسِق، فاجِر، شرابي، بدڪار، ظالِم، بي اَدب، گُستاخ هو۔ ان جون شرارتون ۽ بريون حرڪتون اهڙيون هيون جو جن سان بدمُعاشن کي به شرم ٿيندو۔

(خلاصه ازسوانحِ ڪربلا،ص۱۱۱،ملتقطاً)