Book Name:Yazeed ka bura kirdar

شيخُ الحديث حضرت علّامه عبدُ المُصطَفيٰ اَعْظَمي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: لالچ نهايت ئي بُري خَصلت ۽ نِهايت خراب عادت آهي، الله تعاليٰ جي طرفان ٻانهي کي جيڪو رِزْق و نعمت ۽ مال و دَولت يا جاه (يعني عزّت )۽ مَرتبو مليو آهي، ان تي راضي ٿي قناعت ڪرڻ گھرجي۔ ٻين جي دَولتن ۽ نعمتن کي ڏسي پاڻ به ان کي حاصِل ڪرڻ جي خيالن ۾ پريشان رهڻ ۽ غلَط و صحيح هر قسم جي حيلن ۾ ڏينهن رات لڳل رهڻ اهو به جذبَهٔ حرص و لالچ چئبو آهي ۽ حرص ۽ لالچ حقيقت ۾ انسان جي هڪ پيدائشي خَصْلَت آهي۔ (جنتي زيور،۱۱۰، بتغيرقليل)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دُنياوي مال ودولت کي حاصل ڪرڻ جي خواهش وڪوشش ڪرڻ جي بدران آخرت جي نعمتن کي ماڻڻ جي لاءِ خوب نيڪيون ڪيو ۽ دُنيا کان بي رغبتي اختيار ڪيو۔ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان حضورِ پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عرض ڪيو: اسان سڀني مان بهتر ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون: اَزْهدُکمْ فِي الدُّنْياوَاَرْغَبُکمْ فِي الْاٰخِرَة يعني توهان مان سڀني کان بهترين اهو آهي جيڪو دنيا کان وڌيڪ بي رغبتي ۽ آخرت ۾ وڌيڪ رغبت رکڻ وارو هجي۔ (شعب الايمان،باب في الزھدوقصرالامل، ۷/۳۴۳، حديث: ۱۰۵۲۱ (

دنيا کان بي رغبتي مان ڇا مراد آهي؟

حضرتِ علامه عبدُالرؤف مَناويرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: دُنيا جي فَنا ۽ عيب دار هئڻ جي سبب کان بي رغبتي ڪري ۽ آخرت جي بُزرگي ۽ هميشه رهڻ جي ڪري آخرت ۾ رغبت رکي، عقلمند اهو آهي جيڪو دُنيا ۽ دُنيا جي ميل ڪچيل کان پاڻ کي بچائي ۽ دُنيا کي پنهنجو خادِم بڻائي، ضرورت مُطابق دُنيا جمع ڪري ۽ ان کان علاوه دنيا کان پاسو ڪري ڇوته جڏهن ڪو دنيا کان پاسو ڪندو آهي ته دُنيا ان وٽ ذليل ٿي ايندي آهي ، جيڪو شخص دُنيا ڪمائڻ جي خاطر جيترو دُنيا جي