Book Name:Yazeed ka bura kirdar

1.    ڇھ (6) شيون عمل کي ضائع ڪنديون آهن: (۱) مخلوق جي عيبن جي ڳولا ۾ مصروف رهڻ (۲) دل جي سختي (۳) دُنيا جي مَحَبَّت (۴) حَياء جي گھٽتائي (۵) ڊگھي اُميد ۽ (۶) حد کان وڌيڪ ظُلم۔'' (ڪنزالعمال، ۸/۳۶،جزء ۱۶،الحديث:۴۴۰۱۶)

2.   'ٻن بکايل بگھڙن کي جيڪڏهن ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ڇڏيو وڃي ته ايترو نُقصان نٿا پهچائن جيترو مال ۽ دولت جو حِرص (لالچ) ۽ دُنيا جي مَحَبَّت انسان جي دِين کي نُقصان پهچائيندا آهن۔ (جامع الترمذي ،ڪتاب الزھد،باب حديث ماذئبان جائعان،الحديث:۲۳۷۶،ص۱۶۶)

پیچھا مِرا دُنیا کی محبت سے چُھڑا دے

یا ربّ مجھے دِیوانہ مدینے کا بنا دے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته دُنيا ڪيتري قدر حقير شيء آهي، لهٰذا ان کي اَهم سمجھڻ وڏي بيوقوفي آهي ڇوته اللهعَزَّ وَجَلَّ وٽ ته دُنيا جي حيثيت حقيقت ۾ مڇر جي پر جي برابر به ناهي بلڪ اها دُنيا ته آخرت جي پوک آهي، جيڪڏهن اسان ان ۾ چڱن عملن جي صُورت ۾ ٻج پوکينداسين ته آخرت ۾ اَجر و ثواب جي صُورت ۾ فصل لڻنداسين۔ تنهنڪري پنهنجو بينڪ بيلنس وڌائڻ، خزانن جو اَنبار جَمع ڪرڻ، عُمده ۽ مهانگين ڪارن ۾ گُھمڻ، ٻين جون جائيدادن تي قبضو ڪرڻ ۽ عيش عياشي سان رهڻ جي حرص رکڻ بدران، الله عَزَّ وَجَلَّ جي طرفان جيڪي نعمتون عطا ڪيون ويون آهن، اُنهي تي قناعت ڪندي ان جي رِضا تي راضي رهندي حرص جي آلُودَگين کان پاڻ کي بچائڻ گھرجي۔