Book Name:Yazeed ka bura kirdar

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ  ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل

      (2)  جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

    * نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب!  اُذکُرُالله  ,  تُوبُوا  اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

سرڪار مدينه جي مَحَبَّت وڌائڻ جو نسخو

حضرت سيدنا ابُوهرَيره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيري نبي اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان وٽ تشريف فرما ٿيا، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا به هئا، انهن مان هڪ ساڄي ڪلهي تي ۽ ٻيا کاٻي ڪلهي تي سوار هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻنهي کي واري واري سان چُمي رهيا هئا۔ هڪ شخص عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم!