Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

سگھندو، جڏهن ماءُ پيءُ ۽ ٻيا گھروارا به شريعت جا پابند هوندا، نماز، روزي جا پابند هوندا، تلاوتِ قرآن ڪرڻ وارا هوندا، فلمون ڊراما، گناهن ڀريا چينلز ڏسڻ کان بچڻ وارا هوندا، ڪوڙ، چُغلي، غيبت جهڙين بيمارين کان بچڻ وارا هوندا، کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ ۾ سُنّت جي پيروي ڪرڻ وارا هوندا۔ پر افسوس صد ڪروڙ افسوس! اڄڪلھ جتي پيءُ مغربي تهذيب ۽ اَغيار جي عادت واطوار سان متاثر ٿي انهن جھڙا ڪم ڪرڻ ۾ مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ فخر محسوس ڪري ٿو، اسلامي لباس کي ڇڏي غيرن جھڙو لباس پائي ٿو، اتي اڄ جي مائرن به پردي کي خيرباد چئي گهٽين بازارن ۾ بي پرده گھمڻ، فيشن جي نالي تي سوڙها ۽ چُست لباس پائي بدنگاهي جو سامان بڻجڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، بي حيائي ۽ فحاشي سان ڀرپور ناچ گانا، فلمون ڊراما نه صرف خود بلڪ ٻارن کي به پاڻ سان گڏ ويهارڻ ۾ ٿورو نٿا شرمائن، ٻارن جي تعليم وتربيت جو حال هي آهي جو انهن کي ديني علوم و فنون سکائڻ جي بدران مغربي تهذيب جي نمائنده ادارن جي مخلوط ماحول Co-Education (يعني جتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙھندا هجن) ۾ تعليم ڏيارڻ ۾ ڪو شرم ۽ عار محسوس نٿا ڪن. ياد رکو! ماءُ پيءُ جي بد اعمالي، مغربي تهذيب سان محبت ۽ روشن خيالي جي نالي تي اخلاقي قدرن جي پامالي يقيناً اولاد جي بگڙجڻ جو هڪ وڏو سبب آهي۔ تنهنڪري ماءُ پيءُ کي گھرجي جو پهريان پاڻ پنهنجي عملي حالت درست ڪن، نماز ۽ روزي جي پابندي ۽ پياري آقا، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن سان مَحَبَّت ۽ ان تي عمل جي ڪوشش ڪن۔ جڏهن اسان جا ٻار اسان کي نيڪين ۾ مشغول ڏسندا ته انهن کي به رغبت ملندي ۽ اهي به نيڪين ڏانهن مائل ٿيندا۔  اِنْ شَاۤءَ الله عَزَّوَجَلَّ