Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

اهو شخص ہوشيار ٿي وڃي ۽ آئنده حِرص کان هميشه جي لاءِ علحيدگي اِختيار ڪندي آئندہ اهڙن دَرْدناڪ واقعن جي روڪٿام جو اِنتظام ڪري پر افسوس! اُن هن واقعي کان عبرت حاصِل ڪرڻ جي بجائي نظر انداز ڪيو ڇو جو اُن بدنصيب تي ته سَون جو آنو (بيضو) ملڻ جي حِرْص جو نشو چڙهيل ہو تنهنڪري نانگ ان تي بَس نه ڪيو بلڪه حَرِيص جي غفلت جو ڀرپور فائدو وٺندي ان شخص جي پُٽ ۽ سندس ٻارن جي ماءُ (گھرواريءَ) کي به مَوْت جو شڪار ڪري ڇڏيو۔ ڀائرن ۽ دوستن جي نصيحت جي باوُجود حِرْص جي سبب کان هو شخص اُن نانگ کي نه ماري سگھيو جنهن جي نتيجي ۾ اهو خُود به مَوْت جي مُنهن ۾ وڃي پهتو۔

دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت

 

سچ ہے کہ بُرے کام کا انجام بُرا ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

قرآنِ ڪريم ۾ سيپاري 5 سُوْرَۃُ النِّسَآء جي آيت نمبر 128 ۾ حِرْص جو ذِڪر اِن اَلفاظن سان ڪيو ويو آهي:

وَ اُحۡضِرَ تِ الۡاَ نۡفُسُ ا لشُّحَّ ؕ

تَرجمو ڪنزالايمان: ۽ دليون لالچ جي ڦندي ۾ آهن۔

تفسير ِخازِن ۾ اِن آيتِ مُبارَڪه جي تَحت آهي: لالچ دل جو لازِمي حِصَّو آهي ڇو جو هي اِنهي طرح بڻايو ويو آهي۔ (تفسیرِ خازن،پ۵،النسآء،تحت الآیۃ: ۱۲۸،۱/۴۳۷)

حِرۡص ڪنهن به شيء جو ٿي سگھي ٿو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور تي هي سمجھيو ويندو آهي ته حِرص جو تَعَلُّق صِرْف مال ۽ دَولت سان ہوندو آهي جڏهن ته ائين ناهي ڇو جو حِرص