Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

ته ڪنهن به شيء جي مزيد خَواہش ڪرڻ جو نالو آهي چاهي اها شيء مال ہجي يا ڪا ٻي ،جيئن ته شيخُ الحديث حضرتِ علّامہ عبدُالمُصطَفيٰ اَعْظَمي
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: لالچ ۽ حرْص جو جذبو خوراڪ ،لباس، مڪان، سامان، دَولت، عزّت، شہرت الغرض ہر نعمت ۾ ہوندي آهي۔ (جنتی زیور ،ص۱۱۱) جيئن ته مزيد مال جي خَواہش رکڻ واري کي”مال جو حَرِيص“ چيو ويندو ته مزيد کائڻ جي خَواہش رکڻ واري کي کاڌي جو حَرِيص“ چيو ويندو اهڙي طرح نيڪين ۾ اِضافي جي تَمَنَّائي (خواهشمند) کي ”نيڪين جو حَرِيص“ جڏهن ته گُناہن جو ٻُوجھ وڌائڻ واري کي”گُناہن جو حَرِيص“ چيو ويندو۔

حرص ڇا کي چئبو آهي؟

مُفَسّرِ شَہِير، حڪيمُ الاُمَّت مُفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمائن ٿا: دَرازيِ عُمر (يعني وڏي عُمْر) جي آرزوءِ اَمَل (يعني خواہش) آهي ۽ ڪنهن شيء کان سَير نه ٿيڻ، هميشه زِيادَتي جي خواہش ڪرڻ کي حرص (چئبو آهي)۔ اهي ٻئي شيون جيڪڏهن دُنيا جي لاءِ آهن ته بُريون آهن (۽) جيڪڏهن آخرت جي لاءِ آهن ته بهتر، اِن لاءِ دَراز (يعني وڏي) عُمر چاهڻ جو اللہ (عَزَّوَجَلَّ) جي عبادت وڌ کان وڌ ڪري سگھان، بهتر آهي۔ (مرآۃ المناجیح،۷/۸۶) معلوم ٿيو ته حرص جي چڱي ۽ بُري ہئڻ جو دارومَدار انهي شيء تي آهي ته جنهن جي حُصول جي حِرص مطلوب آهي۔ جيڪڏهن ته اُن جو تَعَلُّق اطاعت (فرمانبرداري) ۽ عبادات سان هجي ته اهڙي حرص ہرگز مذموم (بُري) ناهي گڏوگڏ هي به معلوم ٿيو ته هي مال ۽ دَولت سان گڏ خاص ناهي بلڪه اِن جي نَحوست ڪيترن ئي معاملن ۾ اثرانداز ٿي سگھي ٿي. حَرِيصانسان اِنتِہائي قابلِ رَحم ہوندو آهي ڇو جو اُن تي ہر وقت پنهنجي حرص کي پوري ڪرڻ جو