Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

لاءِ ۽ ٻي طلبِ آخرت جي لاءِ اِن کان علاوہ ٽين مَجلس جو اِرادو نه ڪريو ڇو جو اها فائدي جي بجائي توهان کي نُقصان پہچائيندي۔ اِهڙي طرح مال جا ٻه حِصّا ڪريو، هڪ حِصّو پنهنجي اہل و عيال تي حلال طريقي سان خرچ ڪريو ۽ ٻيو پنهنجي آخرت جي لاءِ اڳتي وڌائي ڇڏيو (يعني صَدَقو ڪري ڇڏيو) ان کان علاوہ ٽيون حِصّو نه ڪجو جو اهو توهان کي فائدي جي بجائي نُقصان پهچائيندو۔ وري بُلند آواز ۾سَڏيندي اِرشاد فرمايو: اي انسانو! حِرص (کان بچو جو اِن) ۾ توهان جي لاءِ ہلاڪت آهي، توهان حرص کي ڪڏهن پُورا نه ٿا ڪري سگھو۔ (صفۃ الصفوۃ،ابو ذر جُنْدُب بن جُنَادۃ،الجزء:۱، ۱/۳۰۱-۳۰۲، رقم: ۶۴)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نيڪين جي حرص پيدا ڪريو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي اسان مان ہر هڪ کي آخرت جو طَوِيل (ڊگھو) سَفَر درپيش آهي ۽ ڪاميابي سان منزلِ مَقْصُود تائين پہچڻ جي لاءِ سفر جي سامان جي صورت ۾ ڪثرت سان نيڪ عملن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن نيڪين جو پلڙو وزني هئڻ جي لاءِ هڪ به نيڪي گھٽ ٿي وڃڻ صورت ۾ ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ ۽ ٻارن ٻچن مان ڪوبه ڪم نه ايندو، تنهن لاءِ جيڪڏهن حريص ٿيڻو آهي ته نيڪين جو حَرِيص بنجڻ گھرجي ته اسان جي پياري آقا، مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن به وقتًا فوقتًا آخرت سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ نيڪين جو حَرِيص بنجڻ جي ترغيب اِرشاد فرمائي آهي۔ اچو ته انهي متعلق چار (4) فرامينِ مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻُڌون ٿا: 1. جيڪو شخص پنهنجي دُنيا سان مَحَبَّت ڪندو آهي اهو پنهنجي آخرت کي نُقْصان پہچائيندو آهي ۽ جيڪو شخص پنهنجي آخرت سان مَحَبَّت