Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

جُتي پائڻ جون سُنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته! شيخِ طريقت، اَمِيرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”101 مَدَني گُل“ مان جُتي پائڻ جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا. پهرين ٻه (2) فرامينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو:

فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ ]1[ جتي ڪثرت سان استعمال ڪيو جو انسان کي جيستائين جوتي پاتل هوندي آهي ڄڻ اهو سوار آهي (يعني ٿڪاوٽ گھٽ ٿيندي) (مسلم ص 1161 حديث 2096) ]2[ جُتي پائڻ کان پهرين ڇنڊي وٺو ته جيئن ڪو جيت يا پٿري وغيره هجي ته نڪري وڃي ]3[ پهرين ساڄو جوتو پايو پوءِ کاٻو ۽ لاهڻ وقت پهرين کاٻو ۽ پوءِ ساڄو۔ نبي پاڪ، صاحب لولاڪصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عاليشان آهي: جڏهن توهان مان ڪو جتي پائي ته ساڄي کان ابتدا ڪري ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي کان ابتدا ڪرڻ گھرجي ته جيئن ساڄو پير پائڻ ۾ پهرين ۽ لاهڻ وقت آخر ۾ رهي. (بخاري ج 4 ص 65 حديث 5855) ]4[ مرد مرداڻو ۽ عورت زنانو جوتو استعمال ڪري ]5[ ڪنهن حضرت سيِّدتُنَا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي عرض ڪيو؛ هڪ عورت (مردن جيان) جوتا پائيندي آهي، انهن فرمايو؛ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرداڻي عورت تي لعنت فرمائي آهي۔ (سنن ابي داؤد ج 4 ص 84 حديث 4099) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القوي بهار شريعت ج 3 صفحي 422 تي فرمائن ٿا؛ يعني عورتن کي مرداڻا جوتا نه پائڻ کپن۔ بلڪ اُهي تمام ڳالهيون جن ۾ مردن ۽ عورتن ۾ امتياز ٿيندو آهي انهن ۾ هر هڪ کي ٻين جي وضع قطع اختيار ڪرڻ (يعني نقل ڪرڻ) جي ممانعت آهي، نه مرد عورت جي وضع اختيار ڪري نه عورت مرد جي۔ ]6[ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ڇڏيو جو ان سان پيرن کي آرام ملندو۔