Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

ڀيرو مون کي فيضانِ مدينه ۾ حاضري جي سعادت نصيب ٿي۔ فيضانِ مدينه جي بارونق فَضائن ۾ منهنجي دلي ڪيفيت بدلجي وئي، اُتي مون کي تمام گھڻو دِلي سُڪون مِلي رہيو ھو۔ پُرسوز تلاوت ونعت، اِصلاح سان ڀرپُور بيان، دل کي زندھ ڪرڻ وارو ذِڪر ۽ رِقّت انگيز دُعا منهنجي زِندگي ۾ مَدني اِنقلاب برپا ڪري ڇڏيو۔ مون پنهنجي ماضي ۾ ڪيل گُناہن کان توبھ ڪئي ۽ مدني ماحول سان مُنْسَلِڪ ٿي ويس، مٿي تي سبز سبز عِمامي جو تاج سجائي ورتو ۽ پنهنجي چہري کي ڏاڙھي شريف جي نُور سان روشن ڪري ورتو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ تادمِ تحرير حلقه مُشاورت ۾ مدني انعامات ذِمه دار جي حيثيت سان مدني ڪمن جي ترقّي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشڪوٰة ج 1 ص 55 حديث 175)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا
جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد