Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

رکندو آهيان جو دُنياوي دَولت دل سان لڳل رهي ۽ هي مون کي گوارا ناهي، تنهنڪري آئون ضرورت پوڻ تي رَقَم ساڄي طرف واري کِيسي ۾ ئي رکندو آهيان۔ (فکرِ مدینہ،ص۱۲۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته اسلاف ۽ بُزرگانِ دين رِحۡمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن جي نقشِ قدَم تي هلندي غير ضروري مال جو خيال پنهنجي دل مان ڪڍي ڪري قناعت جي دولتِ لازوال سان خُود کي مالا مال ڪريون، يقين ڪريو ته جيڪڏهن قناعت جي دولت اسان کي نصيب ٿي وئي ته مال جي حرص جي آفت کان خُود بخُود نجات حاصِل ٿي ويندي۔

ڪتاب”حِرص“ جو تعارف

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينہ جي ڪتاب بنام”حِرْص“ شائع ٿي آهي، جنهن ۾ حِرص ۽ قناعت جي مُتَعَلّق انتہائي اَنمول مَعْلومات فراہم ڪئي وئي آهي مثلاً: حِرص ڇا کي چوندا آهن؟ حِرْص ڪهڙي ڪهڙي شيء ۾ ٿي سگھي ٿو؟ اِن جا ڪيترا قسم آهن؟ اسان کي ڪهڙين شين جو حِرص رکڻ گھرجي؟ ڪهڙين شين جو حِرص دُنيا ۽ آخرت جي لاءِ نُقصان دہ آهي؟ اهڙي حِرص کي ڪيئن ختم ڪري سگھجي ٿو؟ مال جو حِرص ڪڏهن سُٺو آهي ۽ ڪنهن صورت ۾ بُرو آهي؟ اِن سان گڏوگڏ قناعت جي فضيلتون ۽ بَرَڪتون ۽ قناعت جي مُتَعَلِق بُزرگانِ دِين
رِحۡمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن جا واقعات به ان ڪتاب ۾ موجود آهن، تنهنڪري تمام اسلامي ڀائرن کي مدني اِلتجا آهي ته دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه کان ان ڪتاب کي ھَدِيةً حاصِل ڪري نه صِرْف خُود ان جو مُطالَعَو