Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

سکندا آهن ۽ ٻين کي سيکاريندا آهن هي ماڻهو اَفضل آهن ۽ بي شڪ آئون مُعَلِّم بڻائي ڪري موڪليو ويو آهيان۔“ پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِنهي مَجلس ۾ تشريف فرما ٿي ويا۔ (دارمی،باب في فضل العلم و العالم، ۱/۱۱۱ ،حدیث:۳۴۹)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي پُر فِتَن دَور ۾ تبليغِ قرآن و سُنّت جي عالمگير غيرسياسي تحريڪ ”دعوتِ اسلامي“ مختلف مُلڪن ۽ شہرن ۾ ہفتيوار سُنّتن ڀريا اجتماعات جو اِنعِقاد ڪري اُمّتِ مسلِمه کي سُنّتن ڀريو پاڪيزہ مدني ماحول مُہيا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي علمِ دين جي دولت سان مالا مال ڪري رہي آهي۔ اِن اِجتماعات جي برڪت سان ڏينهون ڏينهن بي شُمار ماڻهون گُناہن کان تائب ٿي ڪري نيڪين جي طرف مائل ٿي رهيا آهن اچو ته! توهان جي ترغيب جي لاءِ هڪ اِيمان اَفروز مَدَني بهار توهان جي گوش گُزار ڪريان ٿو: جيئن ته

ملير(بابُ المدينہ ڪراچي) جي علاقي اعظم پُورہ، سبز ٽاؤن جي مقيم اسلامي ڀاءَ جي بيان جو خُلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول مُيسَّر اچڻ کان پهرين منهنجي زندگي جا ڏينهن رات گُناہن ۾ گذري رهي هئي۔ خُوش قسمتي سان منهنجي قسمت جو سِتارو چمڪي پيو جنهن جو سبب ڪجھ هن طرح ٿيو ته هڪ ڏينهن آئون پنهنجي سَوٽ سان ملڻ ويس جن کي دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول نصيب هو۔ انہن مون سان خيرخواہي ڪندي مونکي دعوتِ اسلامي جي عالمي مدني مرڪز فيضا نِ مدينہ ۾ ٿيڻ واري ہفتيوار سنّتن ڀريو اجتماع جي نه صرف زباني طور تي دعوت پيش ڪئي بلڪه پاڻ سان گڏ اجتماع ۾ وٺي ويا ۽ ان طرح زندگي ۾ پهريون