Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

گھڻو مالدار ڪير؟

حضرتِ سَيدُنا موسيٰ ڪليمُ اللہ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ عَرض ڪيو، اي اللہ عَزَّوَجَلَّ! تنهنجي ٻانهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مالدار ڪير آهي؟ اللہ عَزَّوَجَلَّ اِرشاد فرمايو: اهو شخص جيڪو منهنجي ڏنل شيء تي سڀ کان وڌيڪ قناعت ڪرڻ وارو آهي۔(ابنِ عساکر ،موسیٰ بن عمران بن یصھر بن قامث،۶۱/ ۱۳۹،رقم:۷۷۴۱)

حقيقي مالداري

نبين جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ ذيشان آهي: لَيۡسَ الۡغِنٰى عَنۡ كَثۡرَةِ الۡعَرَضِ، وَلَكِنَّ الۡغِنٰى غِنَى النَّفۡسِ يعني مالداري هي ناهي ته سازوسامان جي ڪثرت ہجي بلڪه اَصل مالداري ته دل جو مالدارہئڻ آهي۔ (صحیح البخاری،کتاب الرقاق،باب الغنی غنی النفس،۴/ ۲۳۳،حدیث۶۴۴۶)

ڪامياب مسلمان

حضرتِ سَيدُنا عبدُاللہ بن عَمْرو رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا فرمائن ٿا،نبي اڪرم، نُورِ مُجَسّم صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: قَدۡ اَفۡلَحَ مَنۡ اَسۡلَمَ وَرُزِقَ كَفَافًا وَقَنَّعَهُ اللّٰهُ بِمَا اٰتَاهُ يعني بي شڪ ڪامياب ٿي ويو اهو شخص جنهن اِسلام آندو ۽ اُن کي بَقَدْرِ ڪفايت (ضرورت سارو) رزق ڏنو ويو ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ اُن کي جيڪو ڪجھ ڏنو اُن تي قناعت به عطا فرمائي۔

(مسلم، کتاب الزکاۃ، باب فی الکفاف والقناعۃ، ص۵۲۴، حدیث: ۱۰۵۴)

دولتِ بي زوال

رَحمتِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: اَلۡقَنَاعَةُ كَنۡزٌ لَا يَفۡنٰي يعني قناعت ڪڏهن نه خَتم ٿيڻ وارو خزانو آهي۔ (الزھد الکبیر،ص۸۸،حدیث: ۱۰۴)