Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

جي لاءِ زبردست عبرت آهي ته جن کي دُنيَاوي يا دِينِي مَنْصَب عهدو ملڻ جي سبب مخلوقِ خُدا ۾ عزّت، شُہرت ۽ خاص مقام ۽ مرتبو حاصِل ہوندو آهي پر اهي پنهنجي رُتبي جو ناجائز فائدو حاصل ڪندا آهن ۽ شرعي حَدُن ۽ قاعدن جي خلاف ورزي ڪندي نه صِرف خيانت جا مُرتَڪب ٿيندا آهن بلڪه اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ناراضي ۽ مخلوقِ خُدا جي دل شِڪني (مايوسي) جو سبب به بڻجندا آهن، اهڙن کي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي خُفيه تدبير کان ہرگز بي خَوف نه رهڻ گھرجي۔

دَولتِ دُنیا سے بے رَغْبَت مجھے کر دیجئے

میری حاجت سے مجھے زائد نہ کرنا مال دار (وسائلِ بخشش)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اچو ته!هاڻي هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ دُنيادار شخص کي ڪيل نصيحت تي مَبْنِي هڪ سبق آموز حِڪايت ٻُڌون ۽ عبرت جا مدني گُل چونڊيون۔ جيئن ته،

حريص (حِرص ڪندڙ) شخص فڪرِ آخرت کان غافل هوندو آهي

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي هڪ دُنيادار مسلمان ڀاءُ کي نصيحت آموز خط لکيو ته مونکي ٻُڌايو ته توهان دُنيا جي ڪمن ۾ اَڻٿَڪ ڪوشش ڪندي ۽ دُنيا جي ئي ڪمن ۾ لالچ ڪندا آهيو، ڇا توهان کي دُنيا ۾اها شيء ملي جنهن کي توهان چاہيندا آهيو ۽ ڇا توهان جون سڀ خواهشون پُوريون ٿي ويون؟ اُن شخص جواب ڏنو: اللہ عَزَّوَجَلَّ جو قسم! هرگز نه۔ ان بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن اِرشاد فرمايو: غور ڪريو! جنهن شيء جا