Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

جيترو طويل (گھڻو) عرصو قبر ۽ آخرت جو آهي ايتري قدر قبر ۽ آخرت جي فڪر ڪريون، اسان جا اَسْلاف ۽ بُزرگانِ دين دُنيا جي گھٽ ۽ آخرت جي وڌيڪ فڪر ڪندا هئا ۽ٻين کي به اِن جي ترغيب ڏياريندا هئا جيئن ته،

ڊگھي سَفَر جو زادِ راھ (سامان)

حضرت سَيِّدُنا سُفيان ثَوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرتِ سَيدُنا ابوذَر غِفَاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ڪعبي جي ويجھو ٿي ڪري سَڏ ڏنو: اي انسانو! آئون جُندب غِفاري آهيان، هيڏانهن اچو پنهنجي خيرخواھ شَفِيق ڀاءُ جي ويجھو، جڏهن سڀ ماڻهون سندن اِرد گِرد جمع ٿي ويا ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن اُنهن کان پڇيو: هي ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان مان ڪنهن جو سَفَر جو اِرادو ہجي ته ڇا اهو پاڻ سان زادِ راھ (سفر لاءِ سامان) نه کڻندو جيڪو سندس ڪم اچي ۽ منزِلِ مَقْصُود تائين پہچائي؟ سڀني عَرض ڪيو: جي ہا، ڇو نه ، ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن (اُنهن کي دُنيا جي حرْص کان بچائڻ ۽ آخرت جي حرْص جي ترغيب ڏيارڻ جي لاءِ نصيحت ڪندي) اِرشاد فرمايو: يقينًا سَفَرِ آخرت اُن سَفر کان تمام طويل (وڏو) آهي جنهن جو توهان (هتي) اِرادو ڪريو ٿا، تنهنڪري (اُن جي لاءِ) اُهي شيون کڻجو جيڪي توهان کي فائدو ڏين۔ ماڻهن پڇيو ته اهي ڪهڙيون شيون آهن؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: عظيم مَقصدن جي لاءِ حج ڪريو، قيامت جي ڊگھي ڏينهن کي سامهون رکندي سخت گرمي ۾ روزو رکو، قبر جي وحشت کان بچڻ جي لاءِ رات جي اونڌاهي ۾ نَفلَ پڙھو، (اُن) وڏي ڏينهن ۾بيهڻ جو خيال ڪندي چڱي ڳالھ ڪريو ۽ بُري ڳالھ کان پاسو ڪريو، قيامت جي ڏُکيائي کان بچڻ جي اُمّيد تي پنهنجي مال مان صَدَقو اَدَا ڪريو، دُنيا ۾ ٻه (2) مَجلِسون اِختيار ڪريو هڪ طلبِ حلال جي