Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

ٻارنهن مدني ڪمن ۾ حصو وٺو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به دعوتِ اسلامي جي مهڪندڙ مهڪندڙ مدني ماحول سان ہردم وابسته رهندي عِلْمِ دِين حاصِل ڪرڻ، نيڪين جي حِرص پيدا ڪرڻ، دُنيا ۽ مالِ دُنيا جي حرص کان بچڻ ۽ گُناہن کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حِصَّو وٺڻ گھرجي۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪم مان ہفتيوار هڪ مدني ڪم ہفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ شرڪت ڪرڻ به آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مُلڪ و بيرون مُلڪ ۾ بي شُمارجڳهن تي هي اِجتِماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ بي شمار عاشقانِ رَسُول، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا و خُوشنودي جي خاطر پنهنجي مصروفيتون تَرڪ ڪري خُود به تشريف کڻي اچي اِن جون بَرَڪتون حاصل ڪندا آهن ۽ ٻين اسلامي ڀائرن تي اِنفِرادي ڪوشش ڪري اُنهن کي به پاڻ سان گڏ اِجتِماع ۾ آڻي نيڪي جي دعوت جي ڌُومون مچائيندا آهن۔ اِن اِجتماع ۾ تلاوت ۽ ذِڪر ۽ نعت کان عِلاوہ سُنّتن ڀريو بيان به ٿيندو آهي جنهن جي ذريعي به علمِ دين حاصِل ٿيندو آهي۔ ياد رهي! ته علمِ دين جي مَجلس اللہ عَزَّوَجَلَّ جي پياري مَحبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پسنديدہ مَجلس آهي، خُود نبي اَڪر، نُورِ مُجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اَصحابِ صُفّہ کي علمِ دين سيکارڻ ۾مشغول رہندا هئا گڏوگڏ هڪ ڀيري رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مسجد ۾ ٻن مجلسن جي ويجھي کان گُذريا ته اِرشاد فرمايائون: ٻئي مجلسون سُٺيون آهن پر هڪ، ٻي کان افضل آهي، (پوءِ هڪ مَجلس جي باري ۾ اِرشاد فرمايائون ته) هي ماڻهو اللہ عَزَّوَجَلَّکان دُعا ڪندا آهن۽اُن جي طرف رَغبَت ڪندا آهن،جيڪڏهن اهو چاهي ته اِنهن کي عطا ڪري ڇڏي ۽ چاهي ته مَنْع ڪري ڇڏي (۽ ٻي مَجْلس جي باري ۾ فرمايائون ته) هي ماڻهو فِقہي مَسئلا ۽ عِلم