Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

ضرورت ناهي۔ اِهڙي طرح هڪ ڀيري جڏهن توهان ڪِرائي تي مڪان وٺڻ ٿي چاهيو ته ڪنهن مَشْوَرو ڏنو ته توهان مڪان خريد ڪري وٺو؟ ته فرمايو ته مُختَصَر زندگي آهي، ڪرائي جو مڪان ئي ڪافي آهي۔ (مفتي دعوت اسلامي ،ص۴۴)

سُبحٰن اللّٰه عَزَّوَجَلَّ! توهان ڏٺو ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جي سوچ ڪيتري قدر اعلٰي هوندي آهي جو جيڪڏهن سندن جائز طريقي سان به ضرورت کان وڌيڪ مال وغيرہ مِلي رہيو هوندو آهي ته پريشان ٿي ويندا آهن ۽ حتّي الاِمڪان دنيا جي مال کي پنهنجو پاڻ کان پَري رکندا آهن۔ اچو ته اِنهي متعلق شيخِ طريقت، اَمِيرِ اہلسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي مَدَني سوچ ۽ دنيا جي مال کان بي رغبتي جي باري ۾ به ٻُڌون ٿا:

اَمِيرِ اَهلسُنت جي دُنيا کان بي رَغبَتي

شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَہلسنّت ،باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامه مَولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادِري رَضَوِي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ڪُرتي تي سيني جي طرف ٻه کِيسا ہوندا آهن۔ مِسواڪ(ڏندڻ) شريف رکڻ جي لاءِ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي کاٻي سائيڊ (يعني دل جي طرف) واري کِيسي جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙو کِيسو ٺاهرائيندا آهن۔ اِن جو سبب پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن هي اِرشاد فر مايو ته آئون چاہيان ٿو ته هي سُنّت کي اَدَا ڪرڻ وارو (يعني مِسواڪ) منهنجي دل جي ويجھو رهي۔ اِن جي بَرعَڪس دُنيوِي دَولت کان بي رَغبَتي جو اندازو اِن ڳالھ سان لڳايو ته پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کي ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪنهن ضرورت جي وقت کِيسي ۾ رَقَم رکڻي پوندي آهي ته ساڄي پاسي واري کِيسي ۾ رکندا آهن۔ اِن جي حڪمت دَريافت ڪرڻ تي فرمايائون: آئون کاٻي پاسي واري کيسي ۾رَقَم اِن لاءِ نه