Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

عَزَّوَجَلَّ اُن کي بقدرِ ضرورت رِزق عطا فرمايو اُن تي صبر ۽ قناعت ڪرڻ جي توفيق بَخشي، خُود اسان جي پياري آقا، مڪّي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن به پنهنجي اہلِ بيتِ اَطہار رِضۡوَانُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن جي لاءِ بقدرِ ضرورت رِزق جي ئي دُعا فرمائي، اسان جا بُزرگانِ دين رِحۡمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن به غير ضروري مال کان بچندي ۽ جيڪو ڪجھ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي طرف کان مِلي ويندو اُن تي صبر ۽ شڪر ڪندي زندگي گُذاريندا هئا، البت اهي نيڪ هستيون نيڪين جي معاملي ۾ دُنياوي حَرِيص کان به وڌيڪ حَرِيص ہوندا هئا۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي به حِرص جي تباھ ڪارين کان مَحفُوظ فرمائي ۽ بُزرگانِ دين رِحۡمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن جي نقشِ قدم تي هلندي دُنياوي مُعامَلن ۾ قناعت ۽ اُخروي مُعامَلن ۾ حِرص کان ڪم وٺڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

دارُ الاِفتا اَهلِ سُنت جو قِيام

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مال ۽ دولت جي حِرص کان بچڻ، نيڪين جي حِرص پنهنجي دل ۾ پيدا ڪرڻ ۽ دِين جو خُوب خُوب مدني ڪم ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي تادمِ تحرير 97 شُعبه جات ۾ دِين جو ڪم ڪري رہي آهي، اِن مان هڪ شعبو ”دارالافتاء اہلسنّتبه آهي۔ دورِ جديد ۾مُسلمانن جي مختلف زندگي جي شُعبن ۾ آئي ڏينهن اهڙا سَوين نوان نوان مسئلا سامهون ايندا رہندا آهن جن جي حَل جي لاءِ بيدار مَغز ۽ اَعليٰ عِلمي صلاحيت رکڻ وارن مفتيانِ ڪرام کَثَّرَھُمُ اللّٰه تَعَالٰی جي بارگاھ ۾ رُجوع ڪرڻ بيحد ضروري آهي، تنهنڪري وقت جي ضرورت جي پيشِ نظر شيخ طريقت، امير اہلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي
دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کي دعوتِ اسلامي جي تحت دارالافتاء اہلسنّت قائم ڪرڻ جي