Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

اَمِيرِ اَہلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامہ مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه فرمائن ٿا: پنهنجي دؤر جي جيّد عالم حضرتِ سيّدُنا خليل بصري عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی جي خدمت ۾ ” اهواز“ کان امير (يعني حڪمران) سليمان بن علي جو خصوصي نمائندو حاضر ٿي ڪري عرض گذار ٿيو. شهزادن جي تعليم ۽ تربيـت لاءِ حاڪم توهان کي شاهي درٻار ۾ گهرايو آهي، حضرتِ سيّدُنا خليل بصري عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی سڪل مانيءَ جو ٽُڪر ڏيکاريندي جواب ارشاد فرمايو، ”مون وٽ جيستائين سڪل مانيءَ جو هڪ ٽڪر موجود آهي مون کي شاهي درٻار جي نوڪريءَ جي ڪا ضرورت ناهي.“

مُفتيِ دعوتِ اسلامي جي قناعت پسندي

اهڙي طرح مُفتي دعوتِ اسلامي، مُفتي محمد فاروق عطاري المدني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قناعت جو جذبو به حيرت انگيز ۽ پيروي جي لائق آهي۔ جامعةُ المدينه ہجي يا دارُالاِفتاء، مُفتي دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن ڪڏهن به اِجاري (پگھار) وڌائڻ جو مُطالَبَو نه ڪيو۔ مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي نگران مد ظلہ العالی جو بيان آهي ته ڪجھ ئي وقت پهرين (يعني سندن وفات کان ڪجھ عرصو پهرين) سندن مُشاہَرو (يعني وظيفو) وڌيو هو ته هي منهنجي گھر خود تشريف وٺي آيا۔ انتہائي پريشاني جي عالَم ۾ هئا۔ مون کي فرمائڻ لڳا ته منهنجو اِجارو (پگھار) ڪافي وڌي وئي آهي، مون کي اِن زائد رقم جي حاجت نه آهي، تنهنڪري مون تي مهرباني ڪئي وڃي ۽ منهنجو مُشاہَرو (يعني وظيفو) نه وڌايو وڃي۔ پنهنجي اِنتقال کان ڪجھ عرصي پهرين مُفتي دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي اسڪوٽر (موٽرسائيڪل) ۽ ليپ ٽاپ (Laptopڪمپيوٽر وغيرہ سڀ وڪڻي ڇڏيو هو ۽ فرمايو ته هاڻي مون کي اِن جي