Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

پڇتائيندا آهن۔ ياد رکو! اللہ عَزَّوَجَلَّ جنهن جو جيترو رِزق مُقَدَّر فرمايو آهي اُن کي اهو مِلي ڪري رهندو، تنهنڪري وڌيڪ جي خَواہش رکڻ بيڪار آهي جيئن ته

هڪ ڳوٺاڻي پنهنجي ڀاءُ کي حرْص ڪرڻ تي مَلامَت ڪندي چيو: اي منهنجا ڀاءُ! هڪ شيء کي تون ڳولي رهيو آهين ۽ هڪ شيء خُود توکي ڳولي رهي آهي، جيڪا شيء توکي ڳولي رہي آهي (يعني موت) تون اُن کان بچي نه ٿو سگھين ۽ جيڪا شيء تون ڳولي رهيو آهين (يعني رِزق) اهو توکي پهرين ئي حاصِل آهي۔ شايد تون هي سمجھين ٿو ته جيڪو (دُنيا جو) حريص ہوندو آهي اُن کي سڀ ڪجھ مِلي ويندو آهي ۽ جيڪو (اِن کان) بي رَغْبتي اِختيار ڪرڻ وارو ہوندو آهي اهو مَحْروم رہجي ويندو آهي (يقينن هي توهان جي تمام وڏي غلط فہمي آهي۔)

(اِحیاء العلوم،کتاب ذم البخل...الخ،بیان ذم الحرص...الخ، ۳/۲۹۶ ملتقطاً)

واقعي اُن ڳوٺاڻي جي هي ڳالھ حقيقت ئي آهي ته نه حرص جي سبب ٻانهي جي رِزق ۾اِضافو ٿيندو آهي ۽ نه ئي بي رَغبَتي جي سبب ڪمي ٿيندي آهي، تنهنڪري حرص کان بچندي قناعت اِختيار ڪرڻ گھرجي ڇو جو قناعت اختيار ڪرڻ ۾ فائدو ئي فائدو آهي جڏهن ته حرص ۾ دُنيا ۽ آخرت جو خسارو ئي خسارو آهي. جيئن ته

بَلعَم بِن باعُوراء جي بربادي جو سبب

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينہ جي مطبوعه 539 صفحن تي مشتمل ڪتاب "ملفوظاتِ اعليٰ حضرت " جي صفحي نمبر 367 تي آهي: (بَلْعَم باعُوراء) بني اِسرائيل ۾ تمام وڏو عالِم هو۔ مُسْتَجابُ الدَّعـوَات