Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

دُعاءِ رَسُول

حضرتِ سَيدُنا ابُوہُريرہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مَروِي آهي ته تاجدارِ رِسالت، شَہَنْشاہِ نُبوّت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن دُعا ڪئي: اَللّٰهُمَّ اجۡعَلۡ رِزۡقَ اٰلِ مُحَمَّدٍ قُوۡتًا يعني اي اللہ عَزَّوَجَلَّ! محمد (صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي آل کي صرف ضرورت جي مُطابق رِزق عطا فرماءِ۔ (مسلم، کتاب الزکاۃ، باب فی الکفاف والقناعۃ، ص۵۲۴، الحدیث:۱۰۵۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل رِوَايتن ۾ اُن ماڻهن جي لاءِ دلاسو آهي جيڪي قليل وسيلن ۽ گهٽ آمدني تي روئڻ جي بجائي بقدرِ ضرورت رِزق ۽ مال تي قناعت ڪندي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا تي راضي رهندا آهن ۽ زبان تي ڏک ۽ غم جي شڪايت آڻڻ کان بچندا آهن۔ يقينًا هي سڀ انهي قناعت جي هميشه واري خزاني جون بَرَڪتون آهن۔ گڏوگڏ هي به معلوم ٿيو ته اسان جي پياري آقا، مديني واري مُصطَفٰي صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن به پنهنجي اہل و عيال جي لاءِ صرف بقدرِ ضرورت رِزق عطا ٿيڻ جي دُعا فرمائي، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته ٿورن وسيلن تي قناعت ڪري اِن جون بَرَڪتون حاصِل ڪريون۔ اسان جا بُزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِم اَجۡمعِیۡن وڏي قناعت ڪندڙ هئا، اُنهن جي ويجھو مال جي حيثيت ۽ اَہَمِيت نه هئي جو اهو ئي سبب آهي ته اهي حضرات اللہ عَزَّوَجَلَّ جي عطا تي راضي رهندي نِہايت سادَگي سان زِندگي گُزاريندا هئا۔ اچو ته! توهان جي ترغيب ۽ تَحرِيص (حرص وڌائڻ) جي لاءِ قناعت پسندي جون ٻه (2) انتہائي دلچسپ ۽ نصيحت آموز واقعا عَرض ڪريان ٿو۔ جيئن ته

هڪ ڪامِل ولي جو قناعت جو انداز

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي مطبوعه 1548 صَفْحن تي مُشْتَمِل ڪتاب ”فَيضانِ سُنّت“ جِلد اَوَّل (پهرين) جي صَفْحَي 49 تي شيخِ طرِيقت،