Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

ڀُوت سُوار رہندو آهي ۽ پوءِ اڳيان هلي ڪري هي مُوذِي مرض ان کي غُلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيندو آهي ۽ تمام گھڻو خوار ڪرائيندو آهي، جيئن ته

حضرتِ سَيدُنا فُضَيل بن عِياض رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حرص هي آهي ته انسان ڪڏهن هن شيء جي، ڪڏهن هُن شيء جي طَلَب ۾ رہندو آهي ايتري تائين جو هو چاہيندو آهي ته سڀ ڪجھ ملي وڃي ۽ اِن مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ اُن جو واسطَو مختلف ماڻهن سان پوندو آهي۔ جڏهن هو هن جي ضرورتون پوريون ڪندا ته (هاڻي اهي پنهنجي مَرضِي جي مُطَابِق) اُن جي نڪ ۾ ناڪيلي (رسي) وجھي ڪري جيڏانهن چاهيندا وٺي ويندا آهن، هو اُنهن کان پنهنجي عزّت چاهيندو آهي ايستائين جو حَرِيص خوار ٿي ويندو آهي ۽ ان کي مَحَبَّتِ دُنيا جي سبب جڏهن به هو اُن جي سامهون کان گُذرندو ته اُنهن کي سلام ڪندو آهي ۽ جڏهن اهي بيمار ٿيندا آهن ته عِيادت ڪندو آهي پر اُن جا هي سڀ ڪمَ خُدا جي رِضا جي لاءِ ناهي هوندا.

(مکاشفۃ القلوب،الباب الثالث و الثلاثون،فی فضل القناعۃ،ص۱۲۴ بتغیر قلیل)

اچو ته! حِرص جي آفتن جي متعلق ٽي (3) رِوايتون ٻڌون ۽ نصيحت جا مدني گُل چونڊيون۔ جيئن ته

حرص جي مُتَعَلق ٽي (3) فَرامينِ مُصۡطَفٰي صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

ماڻهو چوندا آهن يا توهان مان ڪو چوڻ وارو چوندو آهي ته لالچي انسان ظالم کان وڌيڪ ڌوڪي باز ہوندو آهي جڏهن ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو لالچ کان وڏو ظلم ڪهڙو آهي، اللہ عَزَّوَجَلَّ ان ڳالھ تي پنهنجي عزّت، عظمت ۽ جلال جو قسم بيان فرمائي ٿو ته جنّت ۾ ڪوئي لالچي