Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

هو (يعني اُن جي دُعا قبول ٿيندي هئي) ماڻهن اُن کي تمام گھڻو مال ڏنو ته (حضرت سَيدُنا) موسيٰ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي لاءِ بد دُعا ڪري۔ خبيث لالچ ۾ اچي ويو ۽ بَد دُعا ڪرڻ چاهي، جيڪي اَلفاظ (حضرت سَيدُنا) موسيٰ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي لاءِ چوڻ ٿئي چاهيو، پنهنجي لاءِ ئي نڪرندا ويا، اللہ (عَزَّوَجَلَّ) اُن کي تباهه ڪري ڇڏيو۔

جہاں میں ہیں عبرت کے ہر سُو نُمُونے

 

مگر تجھ کواندھا کیا رنگ و بُونے

کبھی غَور سے بھی یہ دیکھا ہے تُو نے

 

جو آباد تھے وہ مَحَل اب ہیں سُونے

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے

 

یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته بَلعَم بن باعُوراء جيڪو پنهنجي دَور جو تمام وڏو عالِم، عابِد ۽ زاہِد هو، اِن کي اِسمِ اعظم جو به علم هو، هي پنهنجي جڳھ تي ويٺي پنهنجي رُوحانِيت سان عرشِ اعظم کي ڏسي وٺندو هو، مُسْتَجَابُ الدَّعـوَات هو يعني بارگاھِ الٰہي ۾ اُن جون دعائون مقبول ٿينديون هيون، اُن جي شاگردن جي تعداد به تمام گھڻي هئي۔ مشہور هي آهي ته اُن جي دَرْسگاھ ۾ علمِ دين جي شاگردن جو دَوَاتون (مَس ڪُپڙيون) ٻارنهن ہزار (12,000) هيون پر آھ! ايتري قدَر مقبولِ بارگاھ ہئڻ جي باوُجود مال ۽ دَولت حاصل ڪرڻ جي حِرص بَلْعَم بن باعُوراء جهڙي عابِد ۽ زاہِد کي به نه ڇڏيو، حِرص جي سبب اهو بدبخت، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي نعمتن جي ناشُڪري ڪندي اُن جي پياري نبي حضرت سَيدُنا موسيٰ ڪلِيمُ اللہ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي خِلاف بَد دُعا ڪرڻ تي آماده (تيار) ٿي ويو، ان جي نتيجي ۾ بارگاھِ الٰہي کان ڌڪاريو ويو، اُن جون سڀ عبادتون ضائع ٿي ويون، اُن جي وِلايت سَلْب ٿي وئي ۽ ذِلَّت ۽ خُواري اُن جو مُقَدَّر بڻجي وئي۔ هي حِڪايت اُنهن ماڻهن