Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

توهان ايتري قدَر حَرِيص آهيو جڏهن اها توهان کي نه ملي سگھي ته آخِرَت جنهن جي طرف توهان جو بلڪل ئي ڌيان ناهي ۽ جنهن کان توهان بي رغبتي اِختِيار ڪئي آهي، اُن جون نعمتون ڪيئن حاصِل ڪري سگھندو؟ منهنجي خيال ۾ توهان صرف ٿڌي لوھ تي ضَرَبون (ڌڪ) هڻي رهيا آهيو۔ (يعني توهان هڪ بغير فائدي وارو ڪم ڪر ي رهيا آهيو).

(قوت القلوب ،الفصل الثامن و العشرون،ذکر المقال الاول من المراقبۃ،۱/۱۷۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته اُن بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن ڪيتري پياري انداز ۾ اُن حَرِيص ۽ دُنيا دار کي نصيحت ڪندي هي مدني سوچ فراہم ڪئي ته ڏسو! توهان اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ اُن جي رَسُول صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي راضي ڪرڻ ۽ پنهنجي قَبر ۽ آخِرَت سنوارڻ جي بجائي ڏينهن رات اِن فاني ۽ بي وفا دُنيا جي ڌوڪي ۾ مُبْتَلا ٿي ڪري فقط فاني مال ۽ عزت کي حاصل ڪرڻ جي حرْص ۾ مَشْغُول آهيو، جڏهن ته جيڪو دُنيا جي پويان ڀڄندو آهي دُنيا اُن کان اڳتي ڀڄندي آهي، جيڪو اِن دُنيا سان دل لڳائيندو آهي آخرڪار ان کي رَنج ۽ غم پهچندو آهي۔ وقت، صِحّت، موسم ۽ حالات جي پرواھ نه ڪندي اِيتري قدر ڪوششن جي باوُجود به جيڪڏهن تنهنجي پهچ مال ۽ دولت ۽ دُنياوي آسائشن تائين نه ٿي سگھي ته اُخروي نعمتن ۽ آسائشن تائين تنهنجي پهچ ڪيئن ممڪن آهي جڏهن ته ان جي لاءِ تو ڪابه محنت ۽ ڪوشش به ناهي ڪئي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اسان کي به گھرجي ته صرف دُنيا جي فڪر ڪرڻ جي بجائي جيترو قليل (ٿورو) عرصو دُنيا ۾ رہڻو آهي، ايتري قدر دُنيا جي فڪر ڪريون ۽