Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

ڪندو آهي اهو پنهنجي دُنيا کي نُقْصان پہچائيندو آهي، بس فنا ٿيڻ واري (دُنيا) تي باقي رہڻ واري (آخرت) کي ترجيح ڏيو۔ (مسند امام احمد،حدیث ابی موسی الاشعری،۷/۱۶۵،حدیث۱۹۷۱۷)

2.       حُبُّ الدُّنۡيَا رَأۡسُ كُلِّ خَطِيۡئَةٍ يعني دُنيا جي مَحَبَّت ہر گُناھ جي اَصْل (جڙ) آهي۔ (موسوعۃ لابن ابی الدنیا،کتاب ذم الدنیا،الجزء الاوّل،۵/۲۲،حدیث۹)

3.      يَا عَجَبًا كُلَّ الۡعَجَبِ لِلۡمُصَدِّقِ بِدَارِ الۡخُلُوۡدِ وَهُوَ يَسۡعٰي لِدَارِ الۡغُرُوۡرِ يعني اُن شخص تي وڏو تَعَجب آهي جيڪو هميشه جي گھر (يعني آخرت) جي تَصْدِيق ڪندو آهي جڏهن ته اهو ڌوڪي واري گھر (يعني دُنيا) جي لاءِ ڪوشش ڪندو رهندو آهي۔ (مصنف ابن ابی شیبۃ، کتاب الزھد، باب ما ذکر عن نبینافی الزھد، ۸/۱۳۳، حدیث۶۱)

4.      اَحۡرِصۡ عَلٰي مَا يَنۡفَعُكَ وَاسۡتَعِنۡ بِاللّٰهِ وَلَا تَعۡجِزۡ: يعني اُن شيء جي حرص ڪريو جيڪو توهان کي نفعو ڏئي، اللہ عَزَّوَجَلَّ کان مدد گُھرو ۽ عاجز (غافل) نه ٿي وڃو۔ (مسلم،کتاب القدر،باب فی الامر بالقوۃ…الخ، حدیث:۲۶۶۴،ص۱۴۳۲)

شارحِ مُسْلِم حضرت سَيدُنا علّامہ شَرَفُ الدِّين نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِن آخري حديثِ پاڪ جي تَحت لکن ٿا: يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۾ خُوب حرْص ڪريو ۽ اِن تي اِنعام جي لالچ رکو پر اِن عبادت ۾ به پنهنجي ڪوشش تي ڀَروَسو ڪرڻ جي بجائي اللہ تعاليٰ کان مدد گُھرو۔ (شرح نووی،باب الایمان للقدر و الاذعان لہ،الجزء:۱۶، ۸/۲۱۵ملخصاً)

مُفَسِّرِ شَہِير، حَڪِيمُ الاُمَّت مُفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: خيال رهي ته دُنياوي شين ۾ قَناعت ۽ صبْر سٺو آهي پر آخِرَت جي شين ۾ حِرْص ۽ بي صَبْري اعليٰ آهي، دِين جي ڪنهن دَرَجي تي پہچي ڪري قناعت نه ڪريو اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪريو۔ رآۃ المناجیح،۷/۱۱۲)